ايم ڪيم ايم جي مئير کي اختيار نه مليا ته تاريخي ڌرڻو هڻنداسين: فاروق ستار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيوايم جي سينئر ڊپٽي ڪنوينر ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ چئيرمين ۽ وائيس چئيرمين کي خريد ڪرڻ لاءِ پئيسن جو نيلام گهرا لڳايو ويو آهي.ايم ڪيوايم جي مئير کي اختيار نه مليا ته تاريخي ڌرڻو هڻنداسين.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فاروق ستار چيو ته پيپلز پارٽي مڪاني چونڊن کانپوءِ ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ شروع ڪري ڏنو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته پيپلز پارٽي مڪاني کاتن جي ميمبرن جي خريداري لاءِ پئسن جو نيلام گهر به سينگاريو آهي.ان کان اڳ اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ ڪتابن جي ميلي ۾ شامل ٿيڻ جي موقعي تي فاروق ستار چيو ته ڪراچي ۾ ماس ٽرانزٽ ۽ ٻيون رٿائون شروع ڪنداسين.گاڏين جو ٽيڪس ۽ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي واپس وٺڻ لاءِ به ڌرڻو هڻنداسين.سڀئي سياسي پارٽيون جيڪڏهن هڪ ٿين ته ڪالاباغ ڊيم ضرور بڻجڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *