ملڪ جي هڪ ڪروڙ 70 لک ٻارن کي پيٽ جي جيوڙن جي انفيڪشن جو خطرو

ڪراچي (اين اين آءِ) هڪ سرڪاري دستاويز ۾ اها ڳالهه اڳيان آئي آهي ته پاڪستان جي 40 ضلعن ۾ 5 کان 15 سالن جي هڪ ڪروڙ 70 لک ٻارڙن ۾ مٽي سان منتقل ٿيندڙ هيلمنٿ انفيڪشن (ايس ٽي ايڇ ) جو خطرو آهي، خيال رهي ته هيلمنٿ انفيڪشن آنڊن جي جيوڙن سان ٿيندو آهي، جيڪو مٽي ذريعو جسم ۾ داخل ٿيندو آهي، رپورٽ موجب صحت عملدارن سڄي ملڪ ۾ قائم اسڪولن جي سطح تي ڊي ورمنگ (جيوڙن جو خاتمو) جي گهر ڪئي آهي، قومي صحت جي وزارت پاران ڊبليو ايڇ او جي سهڪار سان ڪيل پهرين ايس ٽي ايڇ سروي کانپوءِ هڪ ڪروڙ 70 لک ٻارن جو انگ اڳيان آيو، سروي ۾ انڪشاف ٿيو ته هڪ ڪروڙ 70 لک ٻارن مان رڳو ڪراچي ۾ 46 لک ٻارن کي علاج جي ضرورت آهي، اهي علائقا جتي صفائي گهٽ آهي اتي انهن جيوڙن جا آنا مٽي کي گندو ڪن ٿا، ايس ٽي ايڇ انفيڪشن سان پيٽ ۾ سور، ڊائريا، رت ۽ پروٽين جي گهٽتائي، جسماني ۽ دماغي واڌ ويجهه ۾ گهٽتائي جا مسئلا ٿي سگهن ٿا.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *