ڪرتارپور ۾ ڏهين گرو گوبند سنگهه جي جنم ڏينهن جي مک تقريب جو شاندار احتمام، ڀارتي پروپگنڊا جي نفي آهي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته گورد واره ڪرتارپور ۾ سک مذهب جي ڏهين گرو گوبند سنگهه جي جنم ڏينهن جي مک تقريب جو شاندار احتمام، ڀارتي پروپگنڊا جي نفي آهي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته سوين سک ياترين جي شرڪت پاڪستان جي پرامن هئڻ کي ظاهر ڪري ٿي جتي اقليتون آزادي سان مذهبي رسمون ادا ڪري سگهن ٿيون، فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪرتارپور راهداري امن ۽ محبت جو لنگهه آهي، هن چيو ته تقريب ۾ مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي شرڪت ۽ سک برادري سان ٻڌي جو اظهار ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان ۾ سڀ ڀائپي واري ماحول ۾ ملڪ جي ترقي ۽ تعمير ۾ حصيدار آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *