ايران-آمريڪا تڪرار، ڪنهن خلاف آهيون نه ساٿ ڏينداسين: پاڪستان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي واضح ڪيو آهي ته پاڪستان جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيندي ۽ نه ئي پاڪستان خطي جي ڪنهن تڪرار ۾ حصيدار بڻجندو، موجوده حالتن نئين ڇڪتاڻ پيدا ڪئي، جيڪا ڇڪتاڻ اساما لادن ۽ ابوبڪر البغدادي جي واقعن کان وڌيڪ سنگين ٿي سگهي ٿي، اسان کي استحڪام کي خطرو نظر اچي رهيو آهي جنهن تي حڪومت کي سخت ڳڻتي آهي، هاڃيڪار اثر افغانستان تي ٿي سگهن ٿا، لبنان جي حزب الله اسرائيل تي حملو ڪري ان کي راڪيٽ سان نشانو بڻائي سگهي ٿي، خطي ۾ سخت رتو ڇاڻ ٿيندي، گڏيل قومون هن خطي کي باهه کان بچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، سومر تي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ آمريڪا، ايران ڇڪتاڻ بابت بيان ڏيندي شاهه محمود قريشي چيو ته 27 ڊسمبر تي هڪ راڪيٽ حملي ذريعي عراق ۾ هڪ آمريڪي قافلي تي حملو ٿيو ان ۾ هڪ آمريڪي مارجي ويو ۽ ٻيا زخمي ٿيا، هن چيو ته 29 ڊسمبر تي ان حملي جي رد عمل ۾ آمريڪا ڪارروائي ڪئي ۽ ان مليشيا جا 50 ماڻهو ماريا ۽ 25 زخمي ڪيا، آمريڪي حملي جي جواب ۾ احتجاج جو فيصلو ڪيو ۽ 31 ڊسمبر تي بغداد ۾ آمريڪي سفارتخاني اڳيان احتجاج ڪيو ويو، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي جنهن ۾ ڀڃ ڊاهه به ڪئي وئي، شاهه محمود قريشي چيو ته خوش قسمتي سان آمريڪي سفارتخاني کي ٿڏي تي خالي ڪرايو ويو هو، هن چيو ته آمريڪا پهرين جنوري 2020 تي هن احتجاج جو ذميوار ايران کي ڄاڻايو پر ايراني ميجر جنرل قاسم سليماني جنهن کي بعد ۾ نشانو بڻايو ويو کيس ان جو ماسٽر مائينڊ قرار ڏنو ويو هو، شاهه محمود قريشي چيو ته 3 جنوري تي هڪ ڊورن ذريعي قاسم سليماني کي نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ هو مارجي ويو، ان سان گڏ عراق جي مليشيا جي ڊپٽي ڪمانڊر عبدالمحدي المهندس ۽ 9 ڄڻا مارجي ويا هئا، هن واقعي تي خطي تي نظر رکندڙ ماهر نه رڳو ڳڻتي جوڳو چون ٿا پر اهميت جي لحاظ کان ان جي نظر ۾ هن واقعي جا اثر 2011 جي آپريشن ۾ اسامان بن لادن کي نشانو بڻائڻ، 2019 ۾ داعش جي اڳواڻ ابوبڪر البغدادي کان وڌيڪ، سنگين ۽ ڳڻتي جوڳا ٿي سگهن ٿا، شاهه محمود قريشي چيو ته قاسم سليماني جي مارجڻ کانپوءِ ايران ۽ عراق ۾ احتجاج جي ڪيفيت پيدا ٿيا، ماڻهو رستن تي آيا ۽ ڪاوڙ جو اظها رڪيو جيڪو اڃاتائين جاري آهي، پرڏيهي وزير احتجاج کي ڏسندي ايران جي قيادت سيڪيورٽي ڪونسل جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو، ان سان گڏ عراق ۾ به ان جي خلاف عوامي رد عمل آيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *