مهوش حيات ۽ همايون سعيد جي هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي اسڪرين تي جلوا ڏيکاريندا

 

ڪراچي (شوبز نيوز) پروڊيوسر ۽ هدايتڪار نديم بيگ پنهنجي نئين فلم ‘‘لنڊن نهين جائونگي’’ جي شوٽنگ ايندڙ مهيني بهاولپور ۾ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.فلم بابت ٻڌائيندي هدايتڪار چيو ته فلم جي 30 ڏينهن تي ٻڌل پهرين شيڊول جي عڪسبندي بهاولپور ۾ شروع ڪئي ويندي جنهن بعد 15 ڏينهن جي عڪس بندي اپريل ۽ پوءِ فلم جي آخري شيڊول جي عڪسبندي لنڊن ۾ ڪئي ويندي.ايڪشن ۽ رومانس سان ڀرپور فلم ‘‘لنڊن نهين جائونگي’’ ۾ همايون سعيد ۽ مهوش حيات مرڪزي ڪردار نڀائيندا جڏهن ته ٻي ڪاسٽ ۾ ڪبرٰي خان، صبا حميد، صبا فيصل ۽ سهيل احمد شامول آهن.هدايتڪار فلم جي رليز ٿيڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ مداحن کي صبر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *