منهنجي ۽ ايشل فياض جي وچ ۾ ڪوبه تعلق ناهي : خليل الرحمان

 

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور هدايتڪار خليل الرحمان قمر هونئن ته پنهنجي پروجيڪٽ سبب خبرن ۾ رهندو آهي پر گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ان جي ذاتي زندگي جي حوالي سان ڪيتريون ئي افواهون سامهون اچي رهيون آهن.خليل الرحمان قمر 1985ع ۾ پنهنجي سئوٽ سان شادي ڪئي هئي ۽ ان سان گڏ هو ڪامياب زندگي به گذاري رهيو آهي. تازو ئي هڪ انٽرويو جي دوران خليل الرحمان ۽ ان جي فيملي کان خليل الرحمان جي ٻئي شادي بابت سوال ڪيو ويو جنهن تي هن خاموشي اختيار ڪئي جنهن کان پوءِ اهي افواهون سامهون اچي رهيون هيون ته خليل الرحمان قمر پنهنجي فلم  ڪاف ڪنگنا جي اداڪاره ايشل فياض سان ٻئي شادي ڪري ورتي آهي.ٻئي شادي بابت ڪيتريون ئي خبرون انٽرنيٽ تي سامهون اينديون رهيون پر هاڻ خليل الرحمان قمر ۽ ايشل فياض ٻنهي خبرن کي بي بنياد چوندي اهڙيون افواهون وائرل ڪندڙن کي تنقيد جو نشانو بنايو.خليل الرحمان پنهنجي هڪ بيان ۾  ايشل فياض سان ٻئي شادي جي خبرن کي رد ڪندي لکيو آهي ته مان ڪاف ڪنگنا جي اداڪاري سان پنهنجي شادي جي بي بنياد خبرن جي ترديد ڪريان ٿو. هي نهايت شرمندگي جي ڳالهه آهي ماڻهو ڪنهن جي زندگي ۾ دخل اندازي ڪن ۽ ان جي شخصيت کي منفي انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪن.هن وڌيڪ لکيو آهي ته مان اهو واضح ڪريان ته منهنجي ۽ ان هيروئن جي وچ ۾ ڪوبه تعلق ناهي. اسان صرف هڪ پروجيڪٽ تي گڏ ڪم ڪري  رهيا هئاسين. هوڏانهن ڪاف ڪنگنا ۾ ڪم ڪندڙ اداڪاره ايشل فياض جو به هڪ وڊيو پيغام سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن واضح ڪيو ته هو هينئر تائين غير شادي شده آهي ۽ منهنجو سمورو ڌيان هن وقت شادي ڏانهن نه پر پنهنجي ڪيريئر تي آهي.هن وڌيڪ  چيو ته منهنجو خليل الرحمان سان گڏ صرف هدايتڪار ۽ اداڪاره جو تعلق آهي ان کان علاوه ٻيو ڪجهه به ناهي. اداڪاره وڌيڪ چيو ته جڏهن به شادي ڪندس ته سڀني کي ٻڌائيندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *