شهدادپور: جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير جي گاڏي حادثو جو شڪار، عظيم بلوچ 2 ساٿين سميت فوت، 2 زخمي

شهدادپور ( ڊ ر ) جماعت اسلامي صوبي سنڌ جو نائب امير عظيم بلوچ جي گاڏي نوابشاه ويجھو حادثي جو شڪار ٻن ساٿين سميت فوت،ٻه ڄڻا شديد زخمي نوابشاه اسپتال داخل،جماعت اسلامي پاڪستان جو امير سراج الحق شهدادپور پهچي ڪارڪنن جي جنازي نمازپڙهائي هر طرف اوڇنگارون ئي اوڇنگارون خبر موجب شهدادپور جو مشهور سماجي رهنما جماعت اسلامي جي ڪارڪن کان صوبائي نائب اميررهندڙ محمد عظيم بلوچ پنهنجي ساٿين امير جماعت اسلامي شهدادپور استاد عرفان بدر لاکو،جنرل سيڪريٽري غلام رسول آرائين،سندس فرزند حماد رسول، جاويد عباسي سان گڏجي سکر ويجھو ڪنهن ساٿي سان تعزيت ڪرڻ بعد واپس اچي رهيا هئا ته رات دير سان ٻانڌي روڊ تي بارش جي ڌنڌ سبب اچانڪ سندن گاڏي سامهون ڪمند سان لوڊ بيٺل ٽرالي ۾ اندر گسجي وئي نتيجن نائب امير سنڌ محمد عظيم بلوچ،امير شهدادپور استاد عرفان بدر لاکو ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته غلام رسول ۽ سندس فرزند حماد رسول،جاويد عباسي کي شديد بيهوشي حالت ۾ نوابشاه اسپتال داخل ڪيو ويو جتي غلام رسول آرائين زخمن جا تاب نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو جڏهن ته هماد رسل ،جاويد کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاه جي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي اهڙو اطلاع ملندي ئي مٽ مائٽ ۽ جماعت اسلامي ڪارڪن نوابشاه اسپتال پڻ پهچي ويا فوتين جا لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو امير جماعت اسلامي شهدادپور عرفان بدر لاکو جي جنازي نماز حسينيه مدرسي ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ شهرين جماعت جي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي مرحوم کي آلين اکڙين سان سسۡين ۾ نور مسجد قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو مرحوم جو تڏو سوسائٽي ڪالوني ۾ وڇايل آهي جڏهن ته نائب امير سنڌ عظيم بلوچ غلام رسول جي جنازي نماز جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق پريس ڪلب شهدادپور سامهون پاڻ پڙهائي جنازي نماز ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪهي آيل سوين ڪارڪنن شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي مرحومن کي پڻ سسڪين اوڇنگارن سان ابائي قبرستانن ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *