مدرسا اسڪول سميت تعليمي ادارن ۾ جديد ٽيڪنالاجي نه هوندي ته اسان گهڻو پوئتي رهجي وينداسين: چيف جسٽس

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته مدرسا اسڪولن سميت تعليمي ادارن ۾ جديد ٽيڪنالاجي نه هوندي ته اسان گهڻو پوئتي رهجي وينداسين، عدالتي نظام ۾ جديد ٽيڪنالاجي آندي آهي، ماڊل ڪورٽس جا نتيجا حوصلائتا آهن، هي ڪورٽ مان ملڪ جي ڪنهن به برانچ سان وڪيل دليل ڏئي سگهن ٿا، جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال پيسو ۽ وقت بچائڻ آهي، ريسرچ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي جنهن سان ملڪ جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ويهي ڄاڻ حاصل ڪئي ويندي، خميس تي سپريم ڪورٽ جي نئين ويب سائيٽ جي افتتاحي تقريب جي صدارت چيف جسٽس ڪري رهيو هو، تقريب ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن، اٽارني جنرل ۽ سينيئر وڪيلن سميت آفيسرن شرڪت ڪئي، چيف جسٽس خطاب ڪندي چيو ته 1991 ۾ منهنجي نياڻي پهرين ڪلاس ۾ وئي ۽ ٻڌايو ته کيس ڪمپيوٽر سيکاريو پيو وڃي، چيف جسٽس چيو ته مان ان وقت حيران ٿيس ۽ مان گهر ۾ پهريون ڪمپيوٽر ورتو، جڏهن پهريون موبائيل ورتو ته تمام گهڻي حيراني ٿي، هن چيو ته مدرسا اسڪول سميت جتي به تعليم ڏني وڃي ٿي اتي جديد ٽيڪنالاجي نه هوندي ته اسان سڀ پوئتي رهجي وينداسين، چيف جسٽس چيو ته ماڊل ڪورٽس کانپوءِ اي ڪورٽس جي شروعات ڪئي، اي ڪورٽس ملڪ جي ڪنهن برانچ مان وڪيل دليل ڏئي سگهن ٿا، هن چيو ته آرٽيفيشل انٽليجنس متعارف ڪرائي رهيا آهيون، جيتوڻڪ اسان وٽ هوشيار جج آهن پوءِ به آرٽيفيشل انٽيليجنس اهم ڪردار ادا ڪندا، نادرا ۽ آمريڪي کاتو آف جسٽس جو جديد ٽيڪنالاجي استعمال ۾ مدد تي ٿورائتو آهيان، جسٽس مشير عالم به تقريب کي خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *