ڪتي جي ڏاڙهڻ سان ٻارڙي جي موت تي ڏک جو اظهار، فوتي ٻارڙي تي سياسي ڪئپنگ ڪئي ويئي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀتو زرداري ڪتي جي ڪچڻ سان ٻارڙي جي موت تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته ٻارڙي جي موت تي منهنجي صوبي جي ڪردارڪشي ڪئي پئي وڃي جنهن تي مون کي افسوس آهي ويڪسين جي اڻهوند سان فوتي ٻارڙي تي سياسي ڪئپنگ ڪئي ويئي والدين پاڻ ڪيترن ڏينهن کان پوءِ اسپتال ٻارڙي کي کڻي آيا واقعي جي جاچ ٿي رهي آهي ان سان حڪومت جو ڪوبه تعلق نه آهي خميس تي ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ ڪيس اوهان کي ايئن پيش ڪيا ويندا جيئن ايئن رڳو سنڌ ۾ ٿين ٿا هن چيو ته جيڪڏهن ڪچرو ڪري ٿو ته صرف سنڌ ۾ ڪري ٿو پاڻي بيهجي وڃي ٿو ته صرف سنڌ ۾ بيهجي وڃي ٿو سڄي ملڪ ۾ ويڪسين جي کوٽ هوندي آهي ته صرف سنڌ ۾ آهي؟ هن چيو ته مون کي افسوس آهي جو شڪارپور ۾ ويڪسين نه هجڻ سان فوتي ٻارڙي جو سياسي ڪئپنگ هلائي ويئي هن چيو ته ٻارڙي جي موت تي منهنجي صوبي جي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي هن چيو ته ٻارڙي کي عيد تي ڪتي ڏاڙهيو هو پر ان جا گهرڀاتي ڪافي ڏينهن کان پوءِ ان کي اسپتال کڻي آيا ان جي جاچ ٿي رهي آهي ان سان حڪومت جو ڪوبه تعلق نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *