مختلف شهرن ۾ مذهبي جماعتن جا ميڊيا آفيسن، پوليس ۽ صحافين تي حملا، ڀڃ ڊاهه، باهيون، 7صحافي زخمي

ڪراچي/لاهور/حيدرآباد(نمائندن وٽان/اين اين آءَ/م.ڊ) ڪراچي ۽ لاهور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ممتاز قادري جي ڦاهي خلاف مذهبي جماعتن پاران احتجاجي مظاهرا، مختلف علائقن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، صحافين، ميڊيا آفيسن ۽ انهن جي گاڏين تي حملا ڪيا ويا، جڏهن ته پوليس کي به تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ڪراچي ۾ گل پلازه، بولٽن مارڪيٽ، لائيٽ هائوس جا دوڪان به بند ڪرايا ويا، ايم اي جناح روڊ تي مڇريل ماڻهن ٽائر ساڙي ۽ صدر اليڪٽرانڪس مارڪيٽ ۾ ڀڃ داهه ڪرڻ بعد دوڪان بند ڪرائي ڇڏيا ان موقعي تي پوليس جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي، مڇريل مظاهرين هڪ پوليس اهلڪار کي به تشدد جو نشانو بڻايو ۽ ريلي جي دوران مڇريل ماڻهن موبائيل ۽ موٽر سائيڪل مارڪيٽ به بند ڪرائي ڇڏي، سني تحريڪ سوڌو مختلف مذهبي جماعتن پاران حيدرآباد پريس ڪلب تي حملو،وڏي پئماني تي ڀڃ ڊاهه ڪري 7 صحافين کي زخمي ڪري ڇڏيو،جڏهن ته 3 ليپ ٽاپ هڪ نجي ٽي وي چينل جي لائيو بيگ ۽ 5 موٽرسائڪلن کي به باهه ڏئي ساڙيو ويو. تفصيل مطابق ممتاز قادري جي ڦاهيءِ واري معاملي تي ڪوريج نه ملڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب تي سني تحريڪ سوڌو مختلف مذهبي جماعتن حملو ڪري پريس ڪلب اندر ڀڃ ڊاهه ڪري لکين رپين جو نقصان ڪري 7 صحافين کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو،زخمي ٿيندڙن ۾ امتياز کهاوڙ،عامر پٺاڻ،نياز وگهيو،عميرراجپوت،فهيم ٻٻر،قاضي شاهد ۽ فرحان شامل آهن،جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد سول اسپتال نيو ويو آهي.حملي کانپوءِ پريس ڪلب جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي .سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪراچي ۾ مختلف ميڊيا هائوسز تي ڪيل حملن ۽ شهر جي مختلف علائقن ۾ ڀڃ ڊاهه جو سختيءَ سان نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته ميڊيا هائوسز جي سيڪيورٽي کي هر قيمت تي يقيني بڻايو وڃي. وڏي وزير آج ٽي وي، ايڪسپريس نيوز چئنل، حيدرآباد پريس ڪلب سميت ٻين چئنلز جي گاڏين ۽ دفترن تي ٿيندڙ حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا سان لاڳاپيل سمورن ماڻهن کي سموري ممڪنه سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي ۽ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ٻڌائي وڃي. سنڌ جي وڏي وزير سمورن ڊي آءِ جيز کي به هدايت ڪئي آهي ته اهي پنهنجن لاڳاپيل علائقن ۾ سيڪيورٽي جا ڀرپور انتظامي قدم کڻن ۽ شرپسند عنصرن جي سرگرمين تي ڪڙي نظر رکي وڃي. سنڌ جي وڏي وزير آءِ جي پوليس سنڌ ۽ رينجرز کي سڄي صوبي ۾ سيڪيورٽي جا فول پروف قدم کڻڻ ۽ شهرن اندر پيٽرولنگ ۾ اضافي سان گڏوگڏ اسنيپ چيڪنگ ڪرڻ جي به هدايت ڪندي شرپسند عنصرن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. هن چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي هر قيمت تي يقيني بڻايو وڃي. وزير اعليٰ سنڌ جي اطلاعات بابت صلاحڪار مولا بخش چانڊيو حيدرآباد پريس ڪلب ۽ ڪراچي ۾ نجي ٽي وي چئنلن جي آفيسن تي مظاهرو ڪندڙن پاران حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ايس ايس پي حيدرآباد ۽ لاڳاپيل انتظاميا کي صورتحال تي فوري طور تي ضابطو آڻڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن. صحافين سان فون تي ڳالهائيندي مولا بخش چانڊيو چيو ته صحافين ۽ صحافتي ادارن تي حملا ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيا ويندا. هن حيدرآباد جي سينيئر صحافين خالد کوکر ۽ حامد شيخ سان ڳالهايو ۽ حملي جا تفصيل معلوم ڪيا ۽ کين حڪومت سنڌ پاران صحافتي ادارن ۽ صحافين جي تحفظ جو مڪمل يقين ڏياريو. صلاحڪار مقامي انتظاميا ۽ پوليس کي صحافين ۽ صحافتي ادارن جي تحفظ لاءِ سمورا اُپاءَ وٺڻ جا حڪم جاري ڪيا. صوبائي وزيرن، طارق مسعود آرائين، فياض ٻٽ، ڊاڪٽر قيوم سومرو، سيد ناصر حسين شاهه ۽ ناديه گبول پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ صحافين تي ٿيندڙ حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي. صوبائي وزيرن پنهنجي گڏيل جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سموري سنڌ جي تمام ميڊيا هائوسز ۽ پريس ڪلبز کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي ۽ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. واضح رهي ته ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب، ڪراچي ۾ نجي ٽي وي جي ڊي ايس اين جي ۽ آفيس تي شرپسند عنصرن پاران حملا ڪيا ويا آهن، جنهن جي صوبائي حڪومت سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *