وزير اعظم سان چوڌري نثار جي ملاقات، ملڪي صورتحال تي بريفنگ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف سان چوڌري نثار ملاقات ڪئي جنهن ۾ امن امان جي جملي صورتحال سميت ورلڊ ٽي-20 ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي شرڪت جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي آهي ذريعن مطابق وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندڙ هن ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ملڪ ۾ امن امان جي جملي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ان موقعي تي چوڌري نثار وزيراعظم کي ورلڊ ٽي-20 ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي شرڪت جي حوالي سان سيڪيورٽي معاملن ۽ ڀارت ۾ امڪاني خدشن تي اعتماد ۾ ورتو ۽ اتفاق ڪيو ويو ته ڀارت قومي ٽيم کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪري هن چيئرمين پي سي بي سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه تي به وزيراعظم کي اعتماد ۾ ورتو ان کان سواءِ ڪراچي آپريشن تي به غور ڪيو ويو خانگي ٽي وي مطابق ملاقات ۾ مصطفيٰ ڪمال جي پريس ڪانفرنس کان پوءِ پيدا ٿيندڙ سياسي صورتحال تي به مشاورت ڪئي ويئي آهي ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ نيشنل ايڪشن پلان سميت آپريشن ضرب عضب تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *