ڪهاڻي پويان رڳو مصطفيٰ ڪمال نه، ٻه چار وڏيون شخصيتون ٻيون به هونديون: خورشيد شاهه

سکر (اين اين آءِ) مخالف ڌر اڳواڻ سيدخورشيد شاهه چيو آهي ته ڪهاڻي پويان رڳو مصطفيٰ ڪمال نه آهي ٻه چار وڏيون شخصيتون ٻيون به هونديون تجربو ٻڌائي ٿو ته ڪجهه نه ٿيندو ڪائي تبديلي نه ايندي پارٽِي کي ٽوڙي ڪجهه نئون ڪيو وڃي ٿو ته حمايت نه ڪئي ويندي مقامي علائقي ڪنڌرا ۾ عوامي ميڙاڪي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ڪنهن تي الزام مڙهڻ سٺي ڳالهه ڪونهي مصطفيٰ ڪمال جا الزام پراڻا آهن جيڪڏهن ايئن آهي ته الطاف حسين کي ڇو نٿو پڪڙيو وڃي هن چيو ته جڏهن 20 سالن کان متحده جي فنڊنگ ٿي رهي هئي ته مصطفيٰ ڪمال ڪٿي هو هو را جو ايجنٽ ڇو بڻيو رهيو هن چيو ته 90 جي ڏهاڪي ۾ ايم ڪيو ايم تي اهڙو وقت آيو هو جڏهن ان کي ختم ڪيو ويو جڏهن ته هو ٻيهر اڀري آئي هن چيو ته سڄي ڪهاڻي پويان رڳو مصطفيٰ ڪمال نه آهي ٻه چار وڏيون شخصيتون ٻيون به هونديون هڪ سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته رحمان ملڪ تقرير لکي ڏيندو هو ته پڙهڻ وارا به اهي ئي هئا هن چيو ته سنڌ جي گورنر جو اٺ اسٽيبلشميٽ طرف ويٺو آهي هن چيو ته 20 سالن کان متحده کي فنڊنگ ٿي رهي هئي ته مصطفيٰ ڪمال ڪٿي هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *