مخالف ڌر بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو، تحريڪ انصاف کي ميثاق جمهوريت جي آڇ

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهبازشريف ايندڙ مالي سال جي بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏيئي ردڪندي گهر ڪئي آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت جي بجيٽ آءِ ايم ايف جي بجيٽ آهي حڪومت بجيٽ واپس وٺي عوامي خواهشن جي عڪاسي ڪندڙ بجيٽ ٻيهر پيش ڪري. عمران خان ڪنٽينر تي چيو هو ته روينيو 8 هزار ارب تي آڻيندس هي ته 4 هزار ارب جو ٽارگيٽ به پورو نه ڪري سگهيو ته 5500 ارب تي ٽيڪس جو حدف ڪٿان پورو ڪندا. جنهن وزيراعظم جي قول ۽ فعل ۾ ايترو تضاد هجي ان تي دنيا ڪيئن اعتماد ڪندي بجيٽ ۾ 5500 جي روينيو ٽارگيٽ لاءِ 7 سيڪڙو ٽيڪسز آهن هي نئون پاڪستان ٺاهڻ آيا هئا. بدترين قدمن سان پاڪستان کي معاشي جهنم بڻائي رهيا آهن مهانگائي غريب عوام جي زندگي عذاب ڪري ڇڏي آهي اسان حڪومت سنڀالي ته مهانگائي جي شرح 12 سيڪڙو هئي ڏينهن رات محنت ڪئي مهانگائي جي شرح 12 سيڪڙو مان گهٽائي 3 سيڪڙو تي آندي گيهه ۽ تيل تي ٽيڪس واپس ورتي وڃي مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 20 هزار رپيا ڪئي وڃي گريڊ 16 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 50 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي ۽ هڪ لک رپيا ماهوار پگهار وارن کي تيڪس کان آجو ڪيو وڃي. بجلي گئس اگهن کي 31 مئي گذريل سال تي آندو وڃي گيهه کاڄرو تيل تان ٽيڪس ختم ڪئي وڃي ۽ دوائون مفت فراهم ڪيون وڃن پنجاب ايجوڪيشن فائنڊيشن کي سڄي پاڪستان ۾ ڦهلايو وڃي ايڪسپورٽ کي زيرو ريٽ ڪيو وڃي، ٽيڪس ري فنڊ جو بهترين نظام بڻايو وڃي. پي ٽي آءِ سان چارٽر آف اڪانامي لاءِ تيار آهيون عمران خان الزام لڳائڻ ڇڏي ملڪي ترقي جي ڳالهه ڪري وزيراعظم ملڪ جي ترقي لاءِ هڪ قدم وڌائيندو ته اپوزيشن 2 قدم اڳتي وڌايندي عمران خان نيازي صاحب پشاور ۾ چوندو هو ته جنگلا بس 70 ارب ۾ ٺهي ۽ ان ۾ بدترين ڪرپشن ٿي آهي مان ڪڏهن به پشاور ۾ ميٽرو بس نه ٺاهيندس پوءِڇو نه وفاقي حڪومت فنڊ ڇو نه ڏي هي پئسو تعليمي ادارن ۽ اسپتالن تي لڳائينداسين پوءِ اوچتو ميٽرو جو اعلان ڪري ڇڏيو. سرڪاري گرانٽ کي رد ڪري ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ ۽ ٻين ادارن کان قرض ورتو ويو مان ڪميشن کي چوان ٿو ته هن قرض جي ڪهڙي وضاحت آهي ڪميشن ٺهيو آهي وڏي شوق سان قرضن جو تفصيل وٺي وڃو مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي به ويندي تحريڪ انصاف جي حڪومت روزانو 19 ارب رپيا قرض وٺي رهي آهي شروعات ڊي آر ٽي پشاور کان ٿيڻ گهرجي آصف زرداري، خواجه سعد رفيق، حسن ڌاوڙ، علي وزير هزارين نوٽ کڻي اسيمبلي ۾ آيا بنا دير پروڊيڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن اميد آهي ته اسپيڪر انهن ميمبرن کي ايوان ۾ آڻيندو نيب جي چيئرمين جي وڊيو اسڪينڊل معاملي تي پارليماني ڪميشن ٺاهيو وڃي آءِ ايم ايف سان ٿيل واعدو پارليامينٽ ۾ آندو وڃي اربع تي قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي سربراهي ۾ ٿيو اٽڪل ٽن ڏينهن جي گهوڙ ۽ هنگامي کان پوءِ اسيمبلي اجلاس جو ماحول بهتر رهيو ايندڙ مالي سال 2019-20 جي بجيٽ ۾ بحث شروع ڪندي شهبازشريف چيو ته خدا ڪري هي موقعو آيو ته اسان هڪٻئي جي ڳالهه ٻڌون گذريل ڏينهن ۾ ايوان جو جيڪو وقت وڃايو ويو اهو هن ايوان جي خلاف آهي شهبازشريف چيو ته گذريل ڏينهن حڪومتي بئنچن کي چيو ويو ته پي ٽي آءِ اپوزيشن ۾ هئي ته ان هميشه ليڊر آف هائوس کي آرام سان ٻڌو مان حڪومتي بئنچن جي ان ڳالهه کي حقيقت جي بنياد تي رد ڪيان ٿو پنجاب اسيمبلي ۾ جڏهن اسان جي حڪومت هئي آخري ٽن بجيٽ تي پي ٽي آءِ جي اپوزيشن سخت بداخلاقي ڪئي اسان نهايت تحمل ۽ برداشت سان هي وقت گذاريو هن چيو ته بجيٽ مان عوام جون اميدون لاڳاپيل هونديون آهن ان جون گهرجون پوريون ڪيون وڃن اسان وڌ ۾ وڌ تعاون ڪنداسين ته جيئن ايوان کي بهتر نموني سان هلايو وڃي هن چيو ته 2013 ۾ عوام جي اصولي ووٽن سان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت چونڊي ويئي ته پهريون چئلينج بجلي جي لوڊشيڊنگ جئي جيڪا جنرل مشرف جي دور کان هلي پئي آئي هن چيو ته جنرل مشرف ڪجهه مشينون رکي افتتاح ڪري چيو ته مان ڀاشا ڊيم جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو جڏهن ته قوم ڄاڻي پئي ته هي پيڙهه جو پٿر ڪهڙي دور جي ڳالهه آهي پر ان جي زمين لاءِ هڪ ٽڪو به مهيا نه ڪيو ويو هو صرف ماڻهن کي ورغلائڻ سان ان ڊيم جو پيڙهه جو پٿر رکڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته عوام چونڊن ۾ کيس رد ڪري ڇڏيو جڏهن ته اهڙي طرح پاڪستان لاءِ ضروري منصوبن تي به ڪوئي ڪم نه ٿيو شهبازشريف چيو ته جڏهن اسان کي ذميواري ڏني ويئي ته بجلي جو بحران هڪ چئلينج هو مان جذبات ۾ اچي چيو ته الله اسان کي موقعو ڏنو ته اسان ڇهن مهينن ۾ بجلي جو مسئلو ختم ڪري ڇڏينداسين ڇو ته اها منهنجي خواهش هئي جڏهن ته الله تعاليٰ اسان جي مدد ڪئي پر پي ٽي آءِ جي اپوزيشن بدترين افراتفري ۽ سازش جو ڄار بڻي ان جي شاهدي سڄي قوم ڏيندي ته ڪيئن 7 مهينا ڊي چوڪ تي افراتفري جو ماحول رهيو ۽ ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته سيپٽمبر 2014 ۾ چيني صدر پاڪستان اچي رهيو هو ۽ حڪومت ڪوشش ڪئي ته ان جو دورو ٿي وڃي ۽ پي ٽي آءِ جي اپوزيشن جي سمورين سازشن افراتفري جي باوجود درخواست ڪئي ويئي ته ٽن ڏينهن لاءِ ڊي چوڪ تان اٿي وڃون پر ڳالهه نه ٻڌي ويئي پر چيني صدر جو دورو ملتوي ٿي ويو مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته چيني صدر جي دوري کي ملتوي ڪرائڻ جو پي ٽي آءِ جو فيصلو ملڪ دشمني برابر هو. هي اهي سبب هئا جنهن جي ڪري اسان کي هي چئليج قبول ڪرڻا پيا ۽ پوءِ چيني صدر جو 7 مهينا دير سان دورو ٿيو هن چيو ته دنيا ۾ پاڪستان جا ڪجهه دوست آهن سعودي عرب، ترڪي، چين اسان جي بهترين دوستن ۾ شامل هوندا آهن پر هن دور ۾ جڏهن دهشتگردي ۽ بجلي جو بحران هو ته ان وقت چين اسان جي مدد لاءِ آيو ۽ نوازشريف سان گڏجي پاڪ چين اقتصادي راهداري جو معاهدو ڪيو ۽ ان جي ذريعي 60 ارب ڊالر پاڪستان جي حوالي ڪيا ۽ ملڪ ۾ منصوبا ٺاهيا ويا شهبازشريف چيو ته هي بجيٽ عوام جي لاءِ مايوسي ان کي اونداهي ۾ رکڻ جو پيغام روزگار کسڻ بيواهن جو رزق کسڻ، مريضن کان دوائون کسڻ، شاگردن جو حق کسڻ آيو آهي اسان هن عوام ۽ پاڪستان دشمن بجيٽ کي رد ڪريون ٿا هن چيو ته بجيٽ ظلم جي تلوار آهي جيڪا معاشي طور تي عام ماڻهو جو ڪنڌ لاهڻ لاءِ آئي آهي هي هاري جي ماني ان کان کسڻ چاهين ٿا جيڪڏهن عوام جي ڀلائي لاءِ بجيٽ ٺاهڻي هجي ها ته هي پنجن سعبن تي لازمي ڌيان ڏنو وڃي ها جنهن ۾ سڀ کان پهريان نوجوانن لاءِ نوڪريون ڏسن ها، مهانگائي کي ختم ڪن ها، جي ڊي پي کي وڌائين ها، ڪاروبار ۽ ايڪسپورٽ کي وڌائين ها ۽ سماجي ۽ معاشي انصاف کي ڏسڻ گهرجي ها هن چيو ته بجيٽ ۾ هي پنج اهم شعبا غائب آهن ۽ هي بجيٽ بين الاقوامي مالياتي فنڊ آءِ ايم ايف سان مشاورت سان ناهي ٺهي پر آءِ ايم ايف پاڪستان جي لاءِ ٺاهي آهي. شهبازشريف چيو ته آءِ ايم ايف جي پي رول تي پاڪستان جي اهم ادارن ۾ وهاريل ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته يتيم ٻار هجي يا بيوه زندگي ڪيئن گذري رهيا آهن انهن کي ڪهڙي خبر ته اسپتالن ۾ دوائون ملي رهيون آهن يا نه هتان جي تعليمي ضرورتن بابت انهن کي ڪهڙي خبر جڏهن ته کين بيروزگاري بابت ڪهڙِ خبر ڇو ته هو ته صرف هڪ ڳالهه ڄاڻين ٿا ته ترقياتي رڪم کي گهٽائڻ، پريميم ريٽ وڌائڻو آهي ڀلي ان سان غريب ماڻهن جون رڙيون نڪري وڃن هن چيو ته انهن ماڻهن کي غريبن جي پرواهه نه آهي کين صرف پنهنجي مقرر ٿيل پيٽرن جي پيروي ڪرڻ آهي جنهن جو مثال مصر ۽ وينزويلا آهي. تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪندي هن چيو ته هي يوترن جا ماهر آهن ۽ پنهنجي ڳالهه جي پنهنجي عملي قدم سان ترديد ڪن ٿا هي 5500 جو جيڪو آمدني جو حدف آهي ان ۾ 70 سيڪڙو بلاوسطه ٽيڪس آهي پاڪستان کي جنت بنائڻ آيا هئا اهي انهن قدمن سان ان کي معاشي جهنم ڏانهن ڌڪي رهيا آهن هن چيو ته اسان جي دور ۾ مينيوفيڪچرن جي شعبي ۾ پيداوار جي شرح ساڍا 6 سيڪڙو هئي جڏهن ته هن حڪومت جي 10 مهينن ۾ بدترين نااهلي جي ڪري هي شرح گهٽجي 2 ٿي ويئي آهي ۽ هي ان جا پنهنجا انگ اکر اهن سهبازشريف چيو ته اڄڪلهه ڪڪڙ ۽ آنن جون ڳالهيون گهڻيون ٿين ٿيون جيڪا ڪڪڙ اوهان ڪهي ڇڏيندا ته پوءِ آنا ڪٿان ايندا اهڙي طرح مينيوفيڪچرنگ شعبي جي پيداوار گهٽجي 2 ٿي ويئي آهي ته ان سان ٽيڪس ڪٿان لڳندا هن چيو ته هلندڙ مالي سال ۾ پي ٽي آءِ حڪومت ٻه ڀيرا مني بجيٽ پيش ڪئي تنهنڪري هي ناقابل ترديد حقيقت آهي ته هي ٽئين مهيني آءِ ايم ايف وٽ ويندا ته اسان حدف پورا ناهن ڪري سگهيا اوهان اسان کي ڇوٽ ڏيو پوءِ اهڙي سخت قومي مفاد تي سوديبازي ڪندا جنهن سان پاڪستان جي معاشي ۽ سياسي صورتحال ويڪ خراب ٿي ويندي صوبائي فنڊن جي حوالي سان چيو ته صوبن جو احتجاج رهيو ته وفاق کان فنڊ نه پيو ملي جڏهن ته وفاقي حڪومت 10 مهينن ۾ جيڪا ٽيڪس اڳاري ڪئي ان جو نتيجو اهو نڪتو ته ڪٿي به نئين منصوبي جي هڪ سر به نه رکي ويئي هن چيو ته مان انهن ماڻهن کي اسپيڪر جي معارفت هڪ گولڊ ميڊل ڏيڻ چاهيان ٿو ته اسان جي دور جي منصوبن تي تختيون لاهي هي ماڻهو پنهنجون تختيون لڳائڻ لاءِ هڪٻئي لاءِ ڄنڊاپٽ ڪري رهيا آهن منصوبا ته هي ٺاهي نه سگهيا هاڻي هي قوم کي اهڙِ طرح ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن ان تي اسد قيصر شهبازشريف جي ڳالهه ڪٽيندي چيو ته اوهان جي ڄاڻ ۾ اها ڳالهه آڻڻ چاهيان ٿو ته خيبرپختونخواهه ۾ ست يونيورسٽيون ٺاهيون ويون جڏهن ته مان پنهنجي صوابي ضلعي ۾ ٻه يونيورسٽيون ۽ ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال ٺاهي بجيٽ تجويزن تي هن چيو ته عمران خان وڏي دعويٰ جي ابتڙ اسان جي دور ۾ تعليم جي لاءِ 97 ارب رپين جي بجيٽ مان 30 ارب رپيا گهٽائي ڇڏيا ۽ 77 ارب رپيا رکياآهن اهڙي طرح صحت جي شعبي جو وفاقي بجيٽ 13 ارب کان گهٽ ڪري 11 ارب رپيا ڪئي ويئي سب کان پوءِ ان ۾ ڪوئي شق نٿو رهي ته هي يوٽرن جا ماسٽر آهن ۽ اها ئي انهن جي عادت آهي. شهبازشريف چيو ته خدا ڪري هي موقعو آيو ته اسان هڪٻئي جي ڳالهه ٻڌون گذريل ڏينهن ۾ ايوان جو جيڪو وقت وڃايو ويو اهو هن ايوان جي خلاف آهي شهبازشريف چيو ته گذريل ڏينهن حڪومتي بئنچن کي چيو ويو ته پي ٽي آءِ اپوزيشن ۾ هئي ته ان هميشه ليڊر آف هائوس کي آرام سان ٻڌو مان حڪومتي بئنچن جي ان ڳالهه کي حقيقت جي بنياد تي رد ڪيان ٿو پنجاب اسيمبلي ۾ جڏهن اسان جي حڪومت هئي آخري ٽن بجيٽ تي پي ٽي آءِ جي اپوزيشن سخت بداخلاقي ڪئي اسان نهايت تحمل ۽ برداشت سان هي وقت گذاريو هن چيو ته بجيٽ مان عوام جون اميدون لاڳاپيل هونديون آهن ان جون گهرجون پوريون ڪيون وڃن اسان وڌ ۾ وڌ تعاون ڪنداسين ته جيئن ايوان کي بهتر نموني سان هلايو وڃي هن چيو ته 2013 ۾ عوام جي اصولي ووٽن سان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت چونڊي ويئي ته پهريون چئلينج بجلي جي لوڊشيڊنگ جئي جيڪا جنرل مشرف جي دور کان هلي پئي آئي هن چيو ته جنرل مشرف ڪجهه مشينون رکي افتتاح ڪري چيو ته مان ڀاشا ڊيم جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو جڏهن ته قوم ڄاڻي پئي ته هي پيڙهه جو پٿر ڪهڙي دور جي ڳالهه آهي پر ان جي زمين لاءِ هڪ ٽڪو به مهيا نه ڪيو ويو هو صرف ماڻهن کي ورغلائڻ سان ان ڊيم جو پيڙهه جو پٿر رکڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته عوام چونڊن ۾ کيس رد ڪري ڇڏيو جڏهن ته اهڙي طرح پاڪستان لاءِ ضروري منصوبن تي به ڪوئي ڪم نه ٿيو شهبازشريف چيو ته جڏهن اسان کي ذميواري ڏني ويئي ته بجلي جو بحران هڪ چئلينج هو مان جذبات ۾ اچي چيو ته الله اسان کي موقعو ڏنو ته اسان ڇهن مهينن ۾ بجلي جو مسئلو ختم ڪري ڇڏينداسين ڇو ته اها منهنجي خواهش هئي جڏهن ته الله تعاليٰ اسان جي مدد ڪئي پر پي ٽي آءِ جي اپوزيشن بدترين افراتفري ۽ سازش جو ڄار بڻي ان جي شاهدي سڄي قوم ڏيندي ته ڪيئن 7 مهينا ڊي چوڪ تي افراتفري جو ماحول رهيو ۽ ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته سيپٽمبر 2014 ۾ چيني صدر پاڪستان اچي رهيو هو ۽ حڪومت ڪوشش ڪئي ته ان جو دورو ٿي وڃي ۽ پي ٽي آءِ جي اپوزيشن جي سمورين سازشن افراتفري جي باوجود درخواست ڪئي ويئي ته ٽن ڏينهن لاءِ ڊي چوڪ تان اٿي وڃون پر ڳالهه نه ٻڌي ويئي پر چيني صدر جو دورو ملتوي ٿي ويو مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته چيني صدر جي دوري کي ملتوي ڪرائڻ جو پي ٽي آءِ جو فيصلو ملڪ دشمني برابر هو. هي اهي سبب هئا جنهن جي ڪري اسان کي هي چئليج قبول ڪرڻا پيا ۽ پوءِ چيني صدر جو 7 مهينا دير سان دورو ٿيو هن چيو ته دنيا ۾ پاڪستان جا ڪجهه دوست آهن سعودي عرب، ترڪي، چين اسان جي بهترين دوستن ۾ شامل هوندا آهن پر هن دور ۾ جڏهن دهشتگردي ۽ بجلي جو بحران هو ته ان وقت چين اسان جي مدد لاءِ آيو ۽ نوازشريف سان گڏجي پاڪ چين اقتصادي راهداري جو معاهدو ڪيو ۽ ان جي ذريعي 60 ارب ڊالر پاڪستان جي حوالي ڪيا ۽ ملڪ ۾ منصوبا ٺاهيا ويا شهبازشريف چيو ته هي بجيٽ عوام جي لاءِ مايوسي ان کي اونداهي ۾ رکڻ جو پيغام روزگار کسڻ بيواهن جو رزق کسڻ، مريضن کان دوائون کسڻ، شاگردن جو حق کسڻ آيو آهي اسان هن عوام ۽ پاڪستان دشمن بجيٽ کي رد ڪريون ٿا هن چيو ته بجيٽ ظلم جي تلوار آهي جيڪا معاشي طور تي عام ماڻهو جو ڪنڌ لاهڻ لاءِ آئي آهي هي هاري جي ماني ان کان کسڻ چاهين ٿا جيڪڏهن عوام جي ڀلائي لاءِ بجيٽ ٺاهڻي هجي ها ته هي پنجن سعبن تي لازمي ڌيان ڏنو وڃي ها جنهن ۾ سڀ کان پهريان نوجوانن لاءِ نوڪريون ڏسن ها، مهانگائي کي ختم ڪن ها، جي ڊي پي کي وڌائين ها، ڪاروبار ۽ ايڪسپورٽ کي وڌائين ها ۽ سماجي ۽ معاشي انصاف کي ڏسڻ گهرجي ها هن چيو ته بجيٽ ۾ هي پنج اهم شعبا غائب آهن ۽ هي بجيٽ بين الاقوامي مالياتي فنڊ آءِ ايم ايف سان مشاورت سان ناهي ٺهي پر آءِ ايم ايف پاڪستان جي لاءِ ٺاهي آهي. شهبازشريف چيو ته آءِ ايم ايف جي پي رول تي پاڪستان جي اهم ادارن ۾ وهاريل ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته يتيم ٻار هجي يا بيوه زندگي ڪيئن گذري رهيا آهن انهن کي ڪهڙي خبر ته اسپتالن ۾ دوائون ملي رهيون آهن يا نه هتان جي تعليمي ضرورتن بابت انهن کي ڪهڙي خبر جڏهن ته کين بيروزگاري بابت ڪهڙِ خبر ڇو ته هو ته صرف هڪ ڳالهه ڄاڻين ٿا ته ترقياتي رڪم کي گهٽائڻ، پريميم ريٽ وڌائڻو آهي ڀلي ان سان غريب ماڻهن جون رڙيون نڪري وڃن هن چيو ته انهن ماڻهن کي غريبن جي پرواهه نه آهي کين صرف پنهنجي مقرر ٿيل پيٽرن جي پيروي ڪرڻ آهي جنهن جو مثال مصر ۽ وينزويلا آهي. شهازشريف چيو ته ڀارت سان ڳالهيون چاهيون ٿا هن چيو ته نوازشريف کي ڀارت سان ڳالهيون ڪرڻ تي غدار سڏيو ويو پر مان ڪنهن کي نه چوندس هن چيو ته ڪشميري عوام پاڪستاني جهنڊي ۾ دفن ٿي رهي آهي هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدو پارليامينٽ ۾ آندو وڃي هن چيو ته صحافين برادري جي معاشي قتل جي خلاف بيٺا آهيون هن چيو ته حڪومت احتساب جي نالي تي انتقام وٺي رهي آهي هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت بجيٽ ۾ ترميم نه ڪئي ته هلڻ نه ڏينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *