هر پاسي کان مايوس ڪندڙ خبر ملي رهي آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسا ملڪي سياست، معيشت ۽ ڪرڪيٽ بابت خبرن تي مايوسيءَ جو اظهار ڪيو آهي. جسٽس آصف سعيد کوسا اسلام آباد مادل ڪورٽس جي جڊيشل آفيسرن کي خطاب ڪندي چيو ته ڪيس جلد نه اُڪلائڻ سبب ڪيترائي ماڻهو جيلن ۾ آهن، جيلن ۾ قيد ماڻهن جا ٻار به اذيتون برداشت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته تڪڙي انصاف جي فراهمي پهرين ترجيح آهي ۽ ماڊل ڪورٽون تڪڙو انصاف فراهم ڪري رهيون آهن، ڏوهن جي خاتمي لاءِ نظام کي بهتر ڪري رهيا آهيون. سندس چوڻ هو پارليامينٽ جي ڪارروائي ڏسندا آهيون ته اپوزيشن ليڊر ۽ قائد ايوان کي ڳالهائڻ ناهي ڏنو ويندو، اهو ڏسي ڊپريشن ٿيندي آهي، ان کان بچڻ لاءِ چئنل تبديل ڪندا آهيون، ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لڳائيندا آهيون ته وري مايوس ڪندڙ خبر ملندي آهي، معيشت جون خبرون ٻڌي به مايوسي ٿيندي آهي، معيشت بابت ٻڌندا آهيون ته اها آءِ سي يو ۾ آهي، آءِ سي يو مان ٻاهر اچي وئي آهي، ان جو ذميوار ڪير آهي، ان حوالي سان سٺيون خبرون نه پيون اچن. چيف جسٽس چيو ته اسان جي معاشري جو هڪ شعبو آهي، جتان سٺي خبر اچي رهي آهي ۽ اهو عدليا جي انصاف جي فراهمي جو شعبو آهي، آئين تحت سستي ۽ تڪڙي انصاف جي فراهمي عدليا جي ترجيح آهي، ماڊل ڪورٽس 45 ڏينهن ۾ 5800 ڪيسن جا فيصلا ڪيا. هن چيو ته ڪوڙي شاهدي ۽ انصاف جي فراهمي ۾ دير جهڙن مسئلن تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهيا آهيون، ديواني ڪيس کي منهن ڏيندڙ شخص پنهنجي گهر ۾ رهندو آهي، جڏهن ته فوجداري ڪيس کي منهن ڏيندڙ جيل ۾ رهندو آهي. جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته اسان سپريم ڪورٽ دنيا جي پهرين سپريم ڪورٽ آهي، جتان آن لائن ڪيسن جي ٻڌڻي شروع ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *