محتسب سيڪريٽريٽ ۾ عوامي مسئلا 30 ڏينھن اندر مفت ۾ حل ڪيا وڃن ٿا: اعجاز احمد خان

ڪراچي (پريس رليز) سيڪريٽري وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ ليفٽيننٽ رٽائرڊ اعجاز احمد خان چيو آھي تھ وفاقي ادارن ۾ عوامي شڪايتن جو حل اسان جي سڀ کان پھرين ترجيح آھي. عام ماڻھن کي آگاھي ھجڻ گھرجي تھ جتي بھ ڪو مسئلو ٿئي ٿو، وفاقي محتسب جا دفتر بنا ڪنھن معاوضي ۽ وڪيل جي 30 ڏينھن جي اندر انھن جي مسئلن کي حل ڪن ٿا. اھا ڳالھھ ھنن وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ جي ڪراچي آفيس ۾ ھڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. ھن چيو تھ علائقائي دفترن ۾ آفيسرن ۽ ٻي اسٽاف جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي ۽ اتي سئو سيڪڙو ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون وڃن، جيئن عام ماڻھن کي ترت ۽ مفت انصاف فراھم ڪرڻ ۾ ڪابھ پريشاني نھ ٿئي. اعجاز احمد خان عوامي شڪايتن جي تڪڙي حل تي وفاقي محتسب ڪراچي جي آفيسرن جي تعريف ڪندي ھنن کي سھولتون ڏيڻ جو يقين ڏياريو. ان کان اڳ سيد انوار حيدر، سينئر ايڊوائزر (انچارج) وفاقي محتسب ريجنل آفيس ڪراچي پنھنجي بريفنگ ۾ ٻڌايو تھ جنوري کان ڊسمبر 2021 تائين ٽوٽل 14193 ڪيسن کي حل ڪيو ويو آھي، باقي ڪجھھ رھيل ڪيس بھ مقرر وقت تي حل ڪيا ويندا. ھن وڌيڪ ٻڌايو تھ ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ وفاقي محتسب آفيسون پنھنجو ڪم ڪري رھيون آھن، جڏھن تھ لاڙڪاڻي ۽ ميرپورخاص ۾ آفيسون کولڻ لاءِ ھيڊ آفيس کي پرپوز موڪليو ويو آھي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *