اڪشي ڪمار جي فلم رليز ٿيڻ کان اڳ ئي تڪرار جي ور چڙهي وئي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ايڪشن اسٽار اڪشي ڪمار جي فلم”پرٿيوي راج“ رليز ٿيڻ کان اڳ ئي تڪرار جي ور چڙهي وئي ۽ ان خلاف ڀارتين احتجاج شروع ڪري ڇڏيو آهي.انڊيا ٽو ڊي  جي رپورٽ موجب راجسٿان جي گُوجر برادري  فلم ٺاهيندڙن کي چتاءُ  ڏنو  آهي ته فلم مان ”راجپوت“  لفظ خارج ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ نمائش ٿيڻ نه ڏينداسين.اڪشي ڪمار جي  فلم ” پرٿيوي راج “ ٺاهڻ جو  اعلان ٿيڻ سان ئي تڪرار جو شڪار ٿي وئي، گُوجر برادري سان تعلق رکندڙ ماڻهن اجمير ۾ ديو نارائڻ  مندر وٽ گڏ ٿي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ فلم خلاف سخت نعريبازي ڪئي.احتجاج ڪندڙن مندر جي ٻنهي پاسن کان روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ ڊسٽرڪٽ ڪليڪٽر جي آفيس ۾ شڪايت به داخل ڪرائي ۽ مطالبو ڪيو ته فلم مان راجپوت جو ذڪر هٽايو وڃي.آل انڊيا وير گُوجر سماج اصلاح ڪميٽي جي صدر هرچند گُوجر پنهنجي بيان ۾ چيو ته فلم جو عنوان ”پرٿيوي راج“ تبديل ڪيو وڃي ۽ تاريخ سان کيڏڻ کان پاسو ڪيو وڃي، فلم ۾ تاريخ کي ايمانداري سان ڏيکارڻ گهرجي.گُوجر برادري چيو ته عظيم حڪمران جو  تعلق اسان جي برادري سان هو، فلم کي سينيما گهرن ۾ ريليز ڪرڻ کان اڳ اسان کي ڏيکاريو وڃي ته جيئن تاريخ جي حوالن جو  جائزو وٺي سگهون.فلم ”پرٿيوي راج“ ۾ اڪشي ڪمار هندو حڪمران پرٿيوي راج چوهاڻ جو ڪرادار ادا ڪري رهيو آهي، فلم ۾ ساڻس گڏ سنجي دت، آشوتوش راڻا ۽ سونو سود به شامل آهن.2017 ۾ مس ورلڊ جو اعزاز ماڻيندڙ اداڪارا  انوشي ڇلر هن فلم ۾ اداڪاري ڪري پهريون ڀيرو بالي ووڊ ۾ پير رکيندي، جڏهن ته  فلم کي 21 جنوري 2022 جي لاءِ شيڊيول ڪيو ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *