نيوزيلينڊ ۾ نئين سال جي آجيان، اسڪائي ٽاور مختلف رنگن سان رڱجي ويو، آتشبازي

آڪلينڊ: (م.ڊ) نيوزيلينڊ ۾ نئين سال جي شروعات، اسڪائي ٽاور مختلف رنگن سان رڱجي ويو، هزارين ماڻهن پاران آتشبازي جو خوبصورت مظاهرو ڪيو ويو. رپورٽ موجب نيوزيلينڊ جو شهر آڪلينڊ دنيا جو اهو پهريون وڏو شهر جتي نئين سال 2022 جي آجيان ۽ ماضي جو قصو بنجندڙ سال 2021 کي الوداع ڪيو ويو. نئين سال کي مسڪراهٽن ۽ اميدن سان خوش آمديد چوڻ جي لاءِ هزارين شهري آڪلينڊ جي مشهور اسڪائي ٽاور تي جمع ٿيا جتي سال جي شروعات ٿيندي ئي خوبصورت آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو. سال 2022 کي خوش آمديد چوڻ جو منظر هزاين ماڻهن ڏٺو. نئين سال کي خوش آمديد چوڻ جي لاءِ آڪلينڊ ۾ سموري دنيا جي مختلف ملڪن مان به ماڻهو هتي پهچندا آهن. جڏهن ته آسٽريليا ۾ سڊني هاربر تي تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ٻئي طرف گوگل به نئين سال جي خوشين ۾ شريڪ آهي ۽ هن پنهنجي ڊوڊل کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ۾ به 2022 کي خوش آمديد چوڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. لاهور ۾ آتشبازي جي اجازت نه هوندي. جڏهن ته اسلام آباد ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. ڪراچي ۾ قلم 144 لاڳو ڪندي فائرنگ ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *