متحده پاڪستان جي وڏي وڪيٽ ڪري پئي، ڊپٽي ميئر ارشد وهره پي ايس پي ۾ شامل

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وڌيڪ هڪ وڪيٽ ڪري پئي آهي ۽ ڊپٽي ميئر ارشد وهره پي ايس پي ۾ شامل ٿي ويو آهي. ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي ميئر ارشد وهره پاڪستان هائوس پهچي ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي ارشد وهره چيو ته اسان ڪراچيءَ جي عوام سان ڪيل واعدا پورا نه ڪري سگهيا آهيون. هن چيو ته عوام جي خدمت ڪرڻ بدران اختيار نه هئڻ جو پٽڪو ڪيو ويو پر هاڻي شهرين کي منهن نه ٿا ڏئي سگهون. سندس چوڻ هو ته جيڪا ذميواري پوري نه ڪري سگهجي ان کي ڇڏڻ ئي بهتر آهي تنهن ڪري هن استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ارشده وهره چيو ته مصطفيٰ ڪمال شهرين جون اميدون پوريون ڪيون هيون هو سٽي ناظم طور هڪ مثال آهي. هن چيو ته جيڪي وسيلا هئا تنهن ۾ عوام جا مسئلا حل ڪري پئي سگهياسين جيڪا نه ڪري سگهياسين. سندس چوڻ هو ته عوام کي هڪ سال تائين رڳو واعدن تائين ڪجهه نه ڏئي سگهياسين. سندس چوڻ هو ته هو ڪنهن دٻاءَ تحت پي ايس پي ۾ شامل نه ٿيو آهي، عوام جا مسئلا حل نه ٿيڻ کانپوءِ عهدي تي رهڻ جو حق ناهي. ارشد وهره چيو ته هو پاڪستاني شهري آهي، هتي ئي رهندو، ڀڄڻ وارو ناهي، هر قسم جي جاچ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *