ماڊل ايان کان وصول ڪيل رقم قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي وئي آهي: ايف بي آر چيئرمين

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ سپر ماڊل ايان علي جو ذڪر ڪيو ويو، ميمبرز جي سوالن جي جواب ۾ ايف بي آر چيئرمين ڪميٽي کي ٻڌايو ته ايان کان وصول ڪيل رقم قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. اسلام آباد ۾چيئرمين خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبر عارف علوي سوال ڪيو ته ماڊل ايان علي کان جيڪا پرڏيهي ڪرنسي هٿ ڪئي وئي هئي، اها ڪٿي آهي.؟ ايف بي آر چيئرمين چيو ته ايان علي کان مليل رقم قومي خزاني ۾ جمع ڪرائي وئي آهي، ماڊل تي ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ اڃا تائين فرد جرم لاڳو ناهي ٿي سگهيو. عارف علوي، ايف بي آر چيئرمين کان سوال ڪيو ته ايان علي تي ڏوهه ثابت نه ڪرڻ ڇا توهان جي ڪوتاهي ناهي، ان تي فيڊل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين چيو ته ثبوتن جو مرحلو اڃا ناهي آيو، فرد جرم لاڳو ٿيڻ بعد ئي ثبوت پيش ڪيا ويندا. ڪميٽي جي ميمبر راڻا جاويد اخلاص سوال ڪيو ته ايان علي اڳ به پرڏيهي دورا ڪري چڪي آهي، ڇا انهن جي تصديق ڪئي وئي آهي. ايف بي آر چيئرمين چيو ته ايان علي جي پراپرٽي جا تفصيل گڏ ڪري ان کان انڪم ٽيڪس وصول ڪيو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *