حڪومت وڃي ته وڃي، ڪرپشن جي خاتمي ۽ احتساب بابت بل هر صورت منظور ڪرايو ويندو: عمران خان

اسلام آباد (بيروو) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته حڪومت وڃي ته وڃي، ڪرپشن جي خاتمي ۽ احتساب بابت بل هر صورت ۾ ڪي پي ڪي اسيمبلي مان منظور ڪرايو ويندو، پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف سڌي ريت نندي پور پراجيڪٽ جي ڪرپشن ۾ ملوث آهي، حڪومت کي معاملو دٻائڻ نه ڏنو ويندو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو ته خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ هر صورت ۾ ڪرپشن جي خاتمي ۽ احتساب بابت “ ڪنفلٽ آف انٽرسٽ” بل منظور ڪرايو ويندو. هن چيو ته جنهن به ميمبر بل جي مخالفت ڪئي ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، جيڪڏهن بل منظور نه ٿيو ته اپوزيشن ۾ ويهڻ پسند ڪنداسين. عمران خان چيو ته نندي پور پاور اسڪينڊل ۾ پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف سڌيءَ ريت ملوث آهي، ان ڪري ماڊل ٽائون سانحي جيان ان معاملي کي به دٻائڻ جيڪوشش ڪئي پئي وڃي. تحريڪ انصاف جي سربراهه چيو ته حڪومت کي نندي پور پراجيڪٽ ۾ ڪرپشن کي دٻائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، هر فورم تي معاملو اٿاريو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *