پاڪ فوج قندوز حملي ۾ ملوث هجڻ وارا افغانستان جا الزام رد ڪري ڇڏيا

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سي آءِ اي جي باغي ايجنٽ ايڊورڊ سنوڊن انڪشاف ڪيو آهي ته برطانيا جو ڳجهو ادارو پاڪستان ۾ ٽيلي ڪميونيڪيشن نظام جي جاسوسي ڪندو رهيو آهي. لنڊن ۾ هڪ خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي ايڊورڊ سنوڊن ٻڌايو ته برطانيا جو ڳجهو ادارو جي سي ايڇ ڪيو،پاڪستان اندر ڪمپيوٽر نيٽ ورڪ ايڪسپو لائيٽس ذريعي جنهن نيٽ ورڪ جي نگراني ڪئي،ان جي ئي جاسوسي به ڪندو رهيو آهي. سي آءِ اي جي اڳوڻي ايجنٽ ٻڌايو ته برطانوي ڳجهي اداري گورنمنٽ ڪميونيڪيشن هيڊڪوارٽرز ۽ پاڪستاني ٽيلي ڪميونيڪيشن جي جاسوسي سسڪو ڪمپني جي رائوٽرز کي هيڪ ڪري ڪئي. ايڊورڊ سنوڊن وڌيڪ ٻڌايو ته ڳجهي اداري ڄاڻ تائين پهچ حاصل ڪرڻ لاءِ برطانوي حڪومت کان باقاعدي اجازت ورتي هئي. هن ٻڌايو ته آمريڪا جو ادارو اين ايس اي ۽ برطانيا جو، ”جي سي ايڇ ڪيو“ ڳجهي طريقي سان مرضي موجب جاسوسي ڪندا رهندا آهن. ايڊورڊ سنوڊن چيو ته جي سي ايڇ ڪيو ڪنهن به سمارٽ فون تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ان تي استعمال ٿيندڙ وائرليس نيٽ ورڪ ۽ لوڪيشن جي باري ۾ به ڄاڻ حاصل ڪري سگهي ٿي. ٻئي طرف برطانوي حڪومت پاڪستاني ڪميونيڪيشن نظام جي جاسوسي بابت ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *