ليڊز ۾ سڀ ڪجهه الله تي ڇڏي ڏنو ،عزت ۽ ذلت ڏيڻ وارو الله آهي: وهاب رياض

 

ليڊز (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر وهاب رياض چيو آهي ته ليڊز ۾ سڀ ڪجهه الله تي ڇڏي ڏنو هو، اهو ئي عزت ۽ ذلت ڏيڻ وارو آهي.ليڊز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وهاب رياض چيو ته ميچ کان اڳ مون کان پڇيو ويو ته آئون ڪيتري تڪليف برداشت ڪري سگھان ٿو، وارم اپ بالنگ کان پوءِ چيو ته آئون ميچ ۾ 100 سيڪڙو ڪوشش ڪندس، جيتوڻيڪ فيلڊنگ ۽ بيٽنگ بابت آئون ڪجهه نٿو چئي سگھان، جنهن کان پوءِ ميچ کيڏڻ جو فيصلو مون تي ڇڏيو ويو.هن چيو ته ڪپتان مون کي يقين ڏيارڻ لاءِ چيو ته آئون بالنگ ۾ 100 سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکاريندس، آئون ها ڪئي ۽ پوءِ هن چيو ته هل کيڏ، جنهن منهنجي اعتماد ۾ واڌ ڪئي، جڏهن آئون بيٽنگ لاءِ ويس ته گھڻي تڪليف ۾ هيس، آئون خدا کي ياد ڪيو ۽ خدا مون کي عزت ڏئي سگھي ٿو، خدا جو شڪر ادا ڪريان ٿو جو اسان ميچ کٽي وياسين، آئون سڀ ڪجهه خدا تي ڇڏيو هو، اهو ئي عزت ۽ ذلت ڏيڻ وارو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *