آءِ سي سي جو افغانين خلاف ڪارروائي جو فيصلو

 

نڊن (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ جي عالمي تنظيم انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ٿيل ميچ دوران افغان تماشائين جي رويي خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي.ان حوالي سان آءِ سي سي ترجمان جو چوڻ هو ته اسان سڀني معاملن کان آگاهه آهيون، اسان اسٽيڊيم ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ يارڪشائر پوليس سان رابطي ۾ آهيون ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ٻيهر ائين نه ٿيندو.هن چيو ته اسان اهڙي رويي کي برداشت ناهيون ڪندا ۽ ڪجهه ماڻهن طرفان پيدا ڪيل ڏڦيڙ تي ايڪشن ورتو ويندو، جنهن سبب مداحن جي تفريح متاثر ٿي.واضح رهي ته هيڊنگلي ۾ ورلڊ ڪپ ميچ دوران افغاني تماشائين پاڪستانين تي حملو ڪري کين تشدد جو نشانو بڻايو هو، جنهن جون ويڊيوز پڻ وائرل ٿيون هيون.هڪ شوقين صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته جهيڙو ميچ جي شروعات ۾ ئي شروع ٿي ويو هو، جيڪي وڌندي ميدان تائين پهچي ويو پر سيڪيورٽي اهلڪارن معاملو سنڀالي ورتو.ان موقعي تي پوليس مداخلت ڪندي ٻن افغانين کي گرفتار ڪري ورتو.ان حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستاني تماشائي ٽڪيٽ نه ملڻ سبب گرائونڊ جي ٻاهران موجود هئا ۽ افعان بيٽسمين آئوٽ ٿيڻ تي خوشي ملهائي رهيا هئا ته ان ڪاوڙ ۾ اچي افغان تماشائين جي وڏي انگ پاڪستاني نوجوان تي تشدد ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *