لنڊن ۾ خان آف قلات سان جرڳي جي ملاقات هاڪاري رهي : مالڪ بلوچ

ڪوئيٽه (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير ڊاڪٽر مالڪ بلوچ چيو آهي ته لنڊن ۾ خان آف قلات سان جرڳي جي ملاقات هاڪاري رهي پر موثراڳڀرائي لاءِ وڌيڪ ڳالهين جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن ڇنڇر ڏينهن لنڊن کان ڪوئيٽه واپسي تي وزير اعليٰ هائوس ۾ عيد جي ملاقات لاءِ آيل ماڻهن ۽ ميڊيا عيوضين سان ڳالهائيندي ڪي. وڏي وزير ڊاڪٽر مالڪ بلوچ چيو ته ناراض ماڻهن سان ڳالهين لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جون جيڪي ڪوششون آهن، جرڳي جي خان آف قلات سان ملاقات به ان جو حصو آهي. حڪومت ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڳالهيون ڪندي ۽ ٻين ناراض ماڻهن سان به ملاقاتون ڪيون وينديون. هن چيو ته ڪوئيٽه سميت صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، هن ڀيري رمضان ۽ عيد تي واپارين رڪارڊ بزنيس ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *