سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي منهنجي نالي سان غلط ۽ ڪوڙا اڪائونٽ ٺاهيا ويا آهن: ماهه نور بلوچ

لاهور (شوبز نيوز) لالي ووڊ اداڪارا ماهه نور بلوچ پنهنجي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ مداحن سان رابطي لاءِ هڪ ويب سائيٽ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ميڊيائي ذريعن موجب ماهه نور بلوچ ويب سائيٽ ذريعي مداحن سان هر مصروفيت بابت رابطي ۾ رهندي، ان بابت ماهه نور بلوچ چيو ته سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي هن جي نالي سان غلط ۽ ڪوڙا اڪائونٽ ٺاهيا ويا، جنهن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ ويب سائيٽ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته ويب سائيٽ ذريعي ڊرامن توڙي فلمي مصروفيتن بابت مداحن کي آگاهه ڪنديس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *