ڊاڪٽر طاهرالقادري مڪاني اليڪشن لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ڊاڪٽر طاهرالقادري چيو آهي ته آئين مطابق بااختيار ۽ بلدياتي ادارا جوڙڻ لاءِ تحريڪ هلائڻ جي ضرورت پئي ته پوئتي نه هٽنداسين بلدياتي ادارا حڪومت جي ترميمي دهشتگردي جي ٽارگيٽ تي آهن بااختيار بلدياتي ادارا عوام جي ڪائي خدمت نه ڪري سگهندا عوامي تحريڪ جي سربراهه بلدياتي اليڪشن لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي ڪميٽي اليڪشن جي جملي معاملن جي نگراني سان گڏوگڏ بلدياتي منشور تيار ڪندي هو گذريل ڏينهن عوامي تحريڪ جي سينيئر اڳواڻن سان ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو ڊاڪٽر طاهرالقادري چيو ته اڳوڻن ناظمن، نائب ناظمن، ڪائونسلرز ۽ جمهوريت پسند پڙهيل لکيل نوجوانن کي حڪمرانن جي چنڀي مان بلدياتي ادارن جا اختيار ۽ وسيلا ڇڏائڻ لاءِ پنهنجو قومي جمهوري ڪردار ادا ڪرڻو پوندو حڪمران ممي ۽ ڊمي قسم جا بلدياتي ادارا جوڙڻ جي رٿابندي ڪري رهيا آهن اهڙا ادارا جيڪي وزيرن جي ضلعي دورن جي موقعي تي آجياڻي واري ڪئمپ لڳائڻ ۽ آجياڻي جا بينر لڳائڻ جي اختيارن تائين محدود هجن. ڊاڪٽر طاهرالقادري چيو ته موجوده حڪمرانن جمهوريت جي نالي تي خانداني راڄ قائم ڪيو آهي اسيمبليون غير موثر بنائڻ کان پوءِ هاڻي هي عوام جي بلدياتي ادارن کي به پنهنجي راڄڌاني ۾ شامل ڪرڻ جي رٿابندي ڪري چڪا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *