لاهور: آدم شماري ٽيم تي آپگهاتي حملو، 5 فوجين سميت 6 ڄڻا شهيد، 10 زخمي

لاهور(ويب ڊيسڪ) بيديان روڊ تي وين تي آپگهاتي ڌماجي نتيجي ۾ 4 فوجين سميت 6 ڄڻا شهيد جڏهن ته 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. بيديان روڊ تي مانانوالا چوڪ تي بيٺل وين ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ مردم شماري ٽم ۾ شامل 4 فوجين جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي جن ۾ سپاهي رياض، ساجد ۽ عبدالله جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي جڏهن ته هڪ شهيد ٿيل جوان جو تعلق پاڪستان ايئر فورس سان آهي ۽ ڌماڪي ۾ هڪ وقت تائين 6 ڄڻا شهيد ۽ 10 زخمي ٿي چڪا آهن. زخمين کي سي ايم ايڇ ۽ جنرل اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. آپگهاتي ڌماڪي ۾ مردم شماري ٽيم کي نشانو بڻايو ويو جڏهن ته زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جن ۾ سخت زخمين جا آپريشن جاري آهن.يديان روڊ ڌماڪي جي ذميواري پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان قبولي ورتي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب بيديان روڊ تي آدم شماري ٽيم تي آپگهاتي ڌماڪي جي ذميواري پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان قبولي ورتي آهي ۽ تنظيم جي ترجمان محمد خراساني پنهنجي بيان ۾ آدم شماري ٽيم کي نشانو بڻائڻ جي ذميواري قبولي ورتي آهي.لاهور جي علائقي بيديان روڊ تي آدم شماري ٽيم تي آپگهاتي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن فوجي جوانن جي جنازي نماز لاهور جي ايوب اسٽيڊيم  ۾ ادا ڪئي وئي . لاهور جي علائقي بيديان روڊ تي آدم شماري جي ٽيم مٿان ٿيل حملي ۾ 6 ڄڻا شهيد ٿي ويا هئا. شهيد فوجين جو تعلق سنڌ رجمنٽ سان هو. جڏهن ته شهيدن ۾ رياض، ساجد ۽ ٻيا سپاهي شامل آهن. سندن جنازي نماز ۾ فوجي قيادت، پنجاب ڪابينا ۽ ٻيون اختياريون شريڪ ٿيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *