سنڌ ڪابينا اي ڊي خواجا کي هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، خدمتون وفاق حوالي ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): سنڌ ڪابينا پاران تڪراري بڻيل صوبي جي آءِ جي اي ڊي خواجا کي هٽائڻ جي منظوري ڏني وئي ، سنڌ ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪوٺايو ويو اجلاس ۾ سنڌ جي آءِ جي اي ڊي خواجا جون خدمتون وفاق جي حوالي ڪرڻ جو منظور ڏني وئي ، سنڌ ڪابينا پاران سردار عبدالمجيد دستي کي صوبي جو نئون آءِ جي مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي ، ٻئي پاسي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته هو ڪنهن به صورت ۾ پنهنجو عهدو نه ڇڏيندو. هوڏانهن  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مون اڄوڪو اجلاس انڪري گهرايو آهي ته سموري صوبي ۾ تمام گهڻي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي ۽ زرعي ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جو بحران آهي، ماڻهو انهن مسئلن سبب پريشان آهن، انڪري مون سوچيو ته ڪابينا کي اعتماد ۾ وٺان. هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ سمورا صوبائي وزير، خاص معاون ۽ سمورا سيڪريٽريز سميت ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪابينا کي سيڪريٽري آبپاشيءَ ٻڌايو ته ارسا جي مطابق ربيع جي موسم ۾ پاڻي جي گهٽتائي 17 سيڪڙو تائين هوندي آهي پر هاڻي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. هن وڌيڪ چيو ته مارچ جي گذريل ڏهن ڏينهن ۾ پاڻي جي صورتحال ڏٺي وڃي ته 55 سيڪڙو آهي ۽ اسڪردو ۾ گرمي پد وڌي رهيو آهي جنهن ڪري برف پگهرندي ۽ خريف جي شروع ۾ 12 سيڪڙو کوٽ هئي پر اها 50 سيڪڙو تائين وڌي ويندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڻي جي کوٽ تي واضح پاليسي اختيار ڪئي آهي، جنهن مطابق پاڻي جي کوٽ کي رڪارڊ مطابق شيئر ڪيو وڃي، پاڻيءَ جي کوٽ دوران ڪو به ڊيم نه ڀريو وڃي،  پاڻيءَ جي کوٽ دوران سمورا لنڪس ڪينال بند ڪيا وڃن، ڪپهه جي پوکيءَ کي بچائڻ لاءِ سنڌ جي پاڻيءَ جي گهرجون پوريون ڪيون وڃن، اسان کي منگلا ڊيم مان پاڻي ناهي ڏنو ويندو، جيڪڏهن تربيلا ۾ پاڻي نه آهي ته اسان کي پاڻي منگلا ڊيم مان ڏنو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اهو به مطالبو ڪيو ته ڪوٽڙي بئراج کي پاڪستان جو حصو سمجهي پاڻي ڏنو وڃي. ان موقعي تي ڪابينا محمد علي ملڪاڻيءَ ٻڌايو ته سجاول، ٺٽي ۽ بدين ضلعن ۾ زير زمين پاڻي خارو ٿي ويو آهي. صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو چيو ته جيڪڏهن اسان کي پاڻي نه ڏنو ويو ته نه صرف فصل خراب ٿيندو پر ماڻهن ۽ چوپائي مال کي به نقصان پهچندو، ڇاڪاڻ ته شديد گرمي ٿي رهي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هن صوبي ۾ وڌندڙ لوڊشيڊنگ تي شديد اعتراض آهن، ماڻهو گرميءَ ۾ مري رهيا آهن، اسپتالن ۽ درگاهن کي به بجليءَ جي لوڊشيڊنگ کان نه ٿو بخشيو وڃي. توانائي واري سيڪريٽري آغا واصف ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ضلعي هيڊڪورٽر ۾ 4 ڪلاڪ، تعلقي هيڊڪوارٽر ۾ 6 ۽ ٻهراڙي وارن علائقن 8 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. ڪي اليڪٽرڪ بابت هن ٻڌايو ته 40 سيڪڙو فيڊر لاسز جي نتيجي ۾ 5 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي آهي. سيڪريٽري توانائي ٻڌايو ته ايس ايس جي سي پاران ڪي اليڪٽرڪ لاءِ گيس جي دستيابي انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال تي آهي جڏهن ته گذريل سال اپريل ۾ ڪي اليڪٽرڪ کي ايس ايس جي سي پاران 208 ايم ايم سي ايف ڊي گيس ملي رهي هئي، جڏهن ته هن وقت ڪي اليڪٽرڪ کي 120 ايم ايم سي ايف ڊي ملي رهي آهي، جنهن ڪري ڪي اليڪٽرڪ گيس مان بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت کي مڪمل طور تي استعمال نه ٿي ڪري سگهي، ان نتيجي ۾ شهر کي 400 ميگاواٽ بجليءَ جي کوٽ آهي ۽ انڪري شهر ۾ لوڊشيڊنگ ڇهن ڪلاڪن کان وڌيڪ ٿي وئي آهي. لوڊشيڊنگ جا ڪارڻ ٻڌائيندي سيڪريٽري توانائي ٻڌايو ته 31 مارچ 2017ع تائين پيڪ ڊيمانڊ رڪارڊ ٿي آهي ۽ ملڪ ۾ 17970 ميگاواٽ ٿي. اپريل ۾ ڊيمانڊ 15600 ميگاواٽ آهي، خانگي ڪسٽمرز کان گهٽ رڪوري، ڊيسڪوس (Discos) جي نااهلي، ڪمزور ٽرانسميشن ۽ ڊسٽريبيوشن سسٽم، سرڪولر ڊيبٽ 31 مارچ تائين 385 بلين روپيا ٿي ويو آهي. گيس ڪمپنين جا واجبات 125 بلين رپيا آهن، فوري 100 بلين رپين جي رقم آءِ آءِ پيز کي حڪومت ادا ڪرڻي آهي. سنڌ صوبو کي حيسڪو ۽ سيپڪو کي 27.398 بلين رپيا فل اينڊ فائنل پيمنٽ جولاءِ 2010 کان 2016 تائين جا پاور بلز آهن، جنهن ۾ 22.83 بلين رپيا ڏنا ويا آهن، جنهن ۾ 8.525 بلين رپيا حيسڪو ۽ 14.305 بلين رپيا سيپڪو جا آهن، جنهن تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سيڪريٽري توانائي آغا واصف کي هدايت ڪئي ته مون کي سموري رقم ٻڙي ڪري ڏيو. ڪرنٽ واجبات 1.069 بلين رپيا ڊسمبر 2016ع تائين جا آهن، جن کي وڏي وزير فوري رليز ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سيڪريٽري توانائي ٻڌايو ته سڄي سنڌ ۾ 1700 ميگاواٽ بجلي جو شارٽ فال آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪابينا کي ٻڌايو ته آٽوميٽڪ ميٽر ريڊنگ (اي ايم آر) جي خريداري وارو عمل شروع ٿي ويو آهي، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت 50 سيڪڙو رقم ادا ڪندي ۽ سنڌ صوبي ۾ ڪي اليڪٽرڪ جا 4.796 بلين رپيا جون 2016ع کان فيبروري 2017ع تائين جي رقم ادا ڪئي آهي ۽ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن (ڪي ايم سي)  / ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشن ڪراچي (ڊي ايم سي ڪي) ڏانهن ڪي اليڪٽرڪ جا 952 بلين رپيا آهن. واٽر بورڊ جا بجلي بل سنڌ حڪومت ادا ڪندي آهي. ان موقعي تي ڄام خان شوري ٻڌايو ته واسا جي علائقن ۾ 16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، اسان واٽر جنيٽرز تي هلائڻ جو رسڪ گهٽ کڻندا آهيون، جنهن ڪري حيدرآباد ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ٿيندي آهي. نثار کهڙي چيو ته پهريان لاڙڪاڻي ۾ ٽرانسفارمز شديد گرميءَ ڪري سڙي ويندا هئا ۽ انهن جي مرمت لاڙڪاڻي ۾ ئي ڪئي ويندي هئي پر هاڻي انهن ٽرانسفارمز جي مرمت جو ڪم سکر رپيئر ورڪشاپ منتقل ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. ممتاز جکراڻيءَ چيو ته بجلي جي بلن جي رڪوري نيب کان ڪرائي پئي وڃي جيڪو غريب ماڻهن تي ظلم آهي. وڏي وزير چيو ته سموري ملڪ جي حساب سان سڄي سنڌ ۾ وڌيڪ لوڊشيڊنگ آهي جيڪڏهن لوڊشيڊنگ ۽ پاڻيءَ جي کوٽ ٿي ته اسان پنهنجي ماڻهن سان گڏ بيٺل هونداسين. سنڌ ڪابينا صوبي ۾ 12 کان 16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيڻ تي شديد تحفظن جو اظهار ڪيو ۽ حيسيڪو ۽ سيپڪو ۾ جيڪي چور آهن، پهرين انهن کي پڪڙيو وڃي بعد ۾ ٻئي ڪنهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. سنڌ ڪابينا وفاق کان مطالبو ڪيو ته سنڌ صوبي گيس پيدا ڪندي آهي ۽ ان تي پهريون حق سنڌ جي عوام جي آهي ۽ گيس جا ڪنيڪشن تي جيڪا پابندي مڙهي وئي آهي سا غيرقانوني آهي، انڪري سنڌ ۾ گيس ڪنيڪشن تان پابندي هٽائي وڃي ۽ اتي ڪنيڪشن لڳايا وڃن. آدمشماريءَ بابت ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي عليم ميمڻ ٻڌايو ته 18161 بلاڪس، 2912 سرڪلز ۽ 463 چارجز تي اڌ ڪم ٿي چڪو آهي. فيز ٽو ۾ سينس جو ڪم جاري آهي، لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 118 چارجز، 545 سرڪلز، 5007 بلاڪس آهن، اهڙي ريت سکر ڊويزن ۾ 66 چارجز، 309 سرڪلز، 2785 بلاڪس، شهيد بينظير آباد ۾ 78 چارجز، 450 سرڪلز، 3550 بلاڪس، حيدرآباد ڊويزن ۾123 چارجز،634 سرڪلز ۽ 6633 بلاڪس، ميرپورخاص ڊويزن ۾ 85 چارجز، 206 سرڪلز ۽ 2863 بلاڪس آهن. چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ ان موقعي تي چيو ته منهنجي گهر کي ڳڻپ ۾ ناهي آندو ويو، نه پهرين مرحلي ۾ نه ئي ٻئي مرحلي ۾، مون کان آدم شماري وارن رڳو سوال پڇيو ته اوهان وٽ ڪيترا هٿيارن جا لائسنس آهن؟ جنهن تي مون سندن چيو ته اهو اختيار اوهان کي ڏنو آهي ته اوهان هٿيارن جي لائسنس بابت پڇيو؟. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري کان پڇيو ته اوهان کان اهو سوال ڪنهن ڪيو؟. چيف سيڪريٽريءَ وراڻيو ته نيوي جو اهلڪار هو. ڪابينا آدمشماري وارن کي هدايت ڪئي ته جيڪي سندن سوالنامو آهي ان جا پابندي رهن. ڪابينا ڪمشنر آدمشماري کي آدمشماري جي عمل تي پنهنجي ناپسندگي جو اظهار ڪندي چيو ته آدمشماري جي عمل کي شاف شفاف بڻايو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *