ڇڪتاڻ نٿا چاهيون، پاڪستان جو غدار پاڪستان ۾ نٿو رهي سگهي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آءِ ايس پي آر پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته پاڪستان سعودي عرب ۽ ايران سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿو، ڊي جي آءِ ايس پي آر جنرل آصف غفور باجوا موجب سعودي اتحاد ۾ راحيل شريف جي مقرري پاڪستاني رياست جو فيصلو آهي، آءِ ايس پي آر موجب آپريشن رد الفساد تحت مدرسن جي سڌارن تي ڪم ٿي رهيو آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستان سعودي عرب ۽ ايران سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿو. هن چيو ته هاڻي اسان کي پنهنجي منزل نظر اچي رهي آهي، پاڪستان جو غدار پاڪستان ۾ نٿو رهي سگهي، خطي ۾ ڇڪتاڻ نٿا چاهيون، جنرل آصف غفور باجوا چيو ته بي شڪ اسان ڏکئي وقت مان گذري رهيا آهيون، دنيا ۾ هاڻي ڪوبه اسان کي باءِ پاس نٿو ڪري سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *