فرح نالي عورت جون ڪڙيون بني گالا ۽ جادو ٽوڻي سان ملن ٿيون: مريم نواز

لاهور (اين اين آءِ/م.ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز الزام مڙهيو آهي ته لاهور سان تعلق رکندڙ فرح نالي عورت آهي، جنهن جون ڪڙيون بني گالا ۽ جادو ٽوڻي سان ملن ٿيون،مريم نواز لاهور ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان تي ڇتي تنقيد ڪئي.پنهنجي تقرير ۾ مريم نواز چيو ته لاهور سان تعلق رکندڙ فرح نالي عورت آهي جنهن جون ڪڙيون بني گالا ۽ جادو ٽوڻي سان ملن ٿيون ڪا بدلي مقرري ڪروڙين رپين کان گهٽ نٿي ٿئي ۽ سموريون ڪڙيون عمران خان جي گهر سان ملن ٿيون ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ ميڊيا ۾ ان جا ڪيترائي ثبوت ايندا، ان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي فرح نالي عورت بابت سوال جو جواب ڏيندي مريم نواز چيو ته اهو سمورن اسڪينڊلز جي پيءُ آهي،  رڳو پوسٽنگ ٽرانسفر لاءِ رشوت وٺي 6 ارب رپين کان وڌيڪ ڪمايو ويو،  مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان چوي ٿو ته مون وٽ وڏا پتا آهن پر ان جا سب پتا خزان وانگر ڇڻي چڪا آهن تنهنجو پتو ڪٽجي چڪو آهي هي عوام کي آواز نه پيو ڏي پر ڪنهن ٻئي کي آواز ڏ.ئير هيو آهي خدا جي واسطي مون کي بچايو هي ننهن چوٽي جا زور ڏئي رهيو آهي. ڪن کولي ٻڌي ڇڏ هاڻي توکي بچائڻ لاءِ ڪوئي نه ايندو. جيڪو تڪبر ۾ چوندو هو ته مان اين آر او نه ڏيندس هاڻي هو هر شخص کان اين آر او گهري رهيوايه تنهنجو اقتدار ڪنهن عالمي سازش ختم نه ڪيو تنهنجو اقتدار اپوزيشن ختم نه ڪيو تنهنجو اقدار عوام جون بددعائون ختم ڪيو آهي توکي صرف اقتدار وڃڻ جو خوف نه آهي پر توکي اهو ڊپ آهي ته اقتدار ويو ته تنهنجي چورين جا پيرا جيڪي بني گالا وڃن ٿا اهي سڀ ظاهر ٿي ويندا. تون سياسي شهيد بڻجڻ نڪري پيو آهين پر ان جي ڪوشش به نه ڪجان گدڙ جي کل پائي ڪوئي نوازشريف نٿو بڻجي سگهي جيڪڏهن تون پٽاٽا بصر جو اگهه گهٽ ڪرڻ ناهي آيو ته ڇا غريب کان ماني کسڻ آيو هئين انشاءالله تنهنجو يوم حساب ويجهو آهي اهڙن خيالن جوا ظهار هن ماڊل ٽائون سيڪريٽريٽ ۾ ڪارڪننک ي خطاب ڪندي ڪيو ان موقعي تي حمزه شهباز، اويس لغاري، مصدق ملڪ سميت ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو مريم نواز چيو ته اڄ اسان ڏکئي وقت ۾ هتي گڏ ٿيا آهيون منهنجو حمزه شهباز سان رابطو ٿيو ته اسان ڊرائنگ روم ۾ ميٽنگ ڪرڻ بدران اسان کي پنهنجي شيرن جي ذريعي سڄي پاڪستانکي پيغام ڏيڻ گهرجي الله تعاليٰ جي ذات جي ڪرم کان پوءِ جيڪڏهن ميان صاحب جي ڪاميابي جو ٽريڊٽ ڪيڏانهن وڃي ٿو ته اهو مسلم ليگ جو ڪارڪن آهي جن سخت ڏکين حالتن جي باوجود جن ظلم سٺو جن انتقام کي منهن ڏنو پر نوازشريف سان ڄمي بيٺا رهيا قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي مان سلام پيش ڪريان ٿي جو اوهان جماعت جو ساٿ ڏيڻ جو وفا نڀائڻ جو ۽ نوازشريف جو ساٿ ڏيڻ جو هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو آهي مسلم ليگ (ن) جا شيرو پاڪستانيون تيار ٿي وڃو سيٽ بيلٽ ٻڌي ڇڏيوپاڪستان جو جهاز ڪنهن به وقت پراڻي پاڪستان ۾ لينڊ ڪرڻ وارو آهي هن چيو ته هي مسلم ليگ (ن) جي اها ئي سيڪريٽريٽ آهي جتان وڏيون وڏيون تحريڪون جن کي نوازشريف ۽ شهباز شريف ليڊ ڪيو اهي هليون الله ڪاميابي ڏياري عدل جي بحالي جي تحريڪ هتان نڪتي هئي نوازشريف هتان ڪجهه سئو ماڻهن سان گڏ نڪتو پر اشره پهچندي ماڻهن جو ميڙ ٿي ويو هو قوم جي نياڻي مريم نواز ۽ پٽ حمزه نواز سان اهو ئي قافلو هن جي ٽي روڊ تي نوازشريف جي ان تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ وڃي رهيو آهي جنهن جي شروعات هن ووٽ کي عزت ڏيو جي تحريڪ جي ذريعي 2017 ۾ وزيراعظم هائوس مان نيڪالي تي ڪئي هئي مريم نواز چيو ته هو ايترو ته گهٻرايل آهي جو هاڻي ٽانگي ڪانپ رهي چوڻ تي دل نٿي چوي پر ڪانپين ٽانگ رهيون آهن چوي ٿو مون وٽ سياسي پتا آهن مون وٽ وڏا پتا آهن اهو چوڻ ڇاهيان ٿي ته خزان وانگر تنهنجا سمورا پتا ڇڻي چڪا آهن هاڻي تنهنجوپتو ڪٽجي چڪو آهي هاڻي تو وٽ  اهو ٽرمپ ڪارڊ اهو آهي ته تون هاڻي سياست مان هٿ کڻي وڃ ڇو ته جيتري اوهان جي بيعزتي ٿي آهي هاڻي صرف استيعفا سان ڳالهه نه ٺهندي هاڻي توکي گهر وڃڻو پوندو. مريم نواز چيو ته تون هاري کان ماني ڳڀو کسڻ آيو هئين. غريبن مسڪينن جون ننڊون وڃائڻ آيو هئين ميڊيا کان آزادي کسڻ آيو هئين انشاءالله تنهنجو يوم حساب ويجهو آهي هن چيو ته جيڪڏهن عوام مهانگائي کان نجات چاهي ٿو لاقانونيت چورن ڦورن کان نجات چاهي ٿو ته پنهنجي نسلن جو مستقبل سنوارڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان لاءِ ٻاهر نڪرو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *