آپگهات حرام نه هجي ها ته جسم سان بارود ٻڌِي، پارليامينٽ ۾ منافقن کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيان ها: پي ٽي آءِ اڳواڻ شهريار آفريدي

اسلام آباد (اين اين آءِ) ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي جي آپگهاتي حملي جي خواهش جي وڊيو وائرل ٿي وئي. وفاقي وزير غلام سرور خان کان پوءِ شهريار آفريدي جي به ڄاڻايل وڊيو اچي وئي جنهن ۾ شهريار آفريدي چوي ٿو ته خودڪشي حرام نه هجي ها ته پنهنجي جسم تي بارود ٻڌي پارليامينٽ جي سڀني منافقن کي اڏائي ڇڏيان ها ته جيئن سندن بنياد ئي ختم ٿي وڃي جيڪي ملڪ جو سودو ڪن ٿا اهڙي ڳالهه جو اظهار شهريار آفريدي گذريل ڏينهن ڪوهاٽ ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي ڪيو شهريار آفريدي چيوت ه مان چاهيان ٿو ته سمورا چينل اهو هلائين ياد رهي ته وفاقي وزير غلام سرور خان به ڪجهه ڏينهن اڳ خودڪش حملي جي خواهش جو اظهار ڪري چڪو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *