لڳاتار قانون ٽوڙڻ، اليڪشن ڪميشن مان ڏنڊ جي سزا ملندڙ باقاعدي مجرم کي وزيراعظم نه ٿيڻ گهرجي: سراج الحق

لاهور (اين اين آءِ) امير جماعت اسلامي سراج الحق چيواهي ته جڏهن وزيراعطم پاڻ بلدياتي اليڪشن جي مهم هلائي رهيو هجي ته اها ڳالهه ان جي علامت آهي ته عوام ان کي رد ڪري ڇڏيو. مسلسل قانون ٽوڙڻ، اليڪشن ڪميشن مان ڏنڊ جي سزا ملندڙ باقاعدي مجرم کي هاڻي وزيراعطم نه هئڻ گهرجي عوام جي وسيلن سان بلدياتي مهم هلائيندڙ وزراعظم قوم جو اعتماد وڃائي چڪو اقتدار سان چنڀڙي رهڻ جو ڪوئي اخلاقي، جموري آئيني جواز ناهي رهيو ملڪ ۾ جاري سياسي بحران جو خاتمو ٿيڻ گهرجي قوم سموري گيم ڏسي رهي آهي اسان جي ملڪ جي بدقسمتي آهي جو هڪٻئي تي الزام لڳائيندڙ ذاتي مفادن لاءِ گڏ ٿي وڃن ٿا هاڻي هر جلسي ۾ مذهب تي ڳالهه ڪندڙ وزيراعظم قوم کي ٻڌائي ته رياست مدينه جو واعدو ڪري اڄ تائين ان جا هٿ ڪنهن ٻڌي ڇڏيا هئا جو هڪ وک به صحيح رخ ۾ نه کڻي سگهيو قوم تي مڙهيل ظالم حڪمرانن ملڪ جي معيشت تباهه ڪئي پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي جو تصور رڳو خواب ئي بڻيل رهيو هڪ پاسي حڪمران طبقو عياشين ۾ مصروف ۽ دولت جي ڍڳ تي ويٺو آهي ٻئي پاسي غريب جي ڪکائين گهر ۾ چلهه نٿي ٻري غربت ۽ بدحالي غربت ۽ بدحالي جي ڪري ساڍا 3 ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن ملڪ ۾ صحت جون سهولتون غريب جي پهچ کان پري آهن پاڪستان کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ اسلامي نظام گهرجي جماعت اسلامي هاڻي واحد آپشن آهي جماعت اسلامي الله تعاليٰ جي تائيد ۽ نصرت ۽ عوام جي مدد سان ملڪ جي عدالتن، ايوانن، تعليمي ادارن ۾ قرآن جو نظام لاڳو ڪندي وياجي معيشت جو خاتمو ڪري هڪ اسلامي فلاحي مملڪت جو بنياد رکيو ويندو جماعت اسلامي 26 ۽ 27 مارچ تي لوئر ۽ پائن دير ۾ تاريخي جلسا ڪندي جيڪو ايندڙ ڏينهن ۾ خطي جي سياسي صورتحال جو تعين ڪندا اهڙن خيالن جو اظهار دربند مانسره ضلعي ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو سراج الحق چيو ته اقتدار جي جنگ ۾ نقصان ملڪ جو ٿي رهيو آهي ڪاش اسان جي حڪمرانن کي ڪڏهن احساس ٿي وڃي ته عام پاڪستاني ڪهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. سراج الحق چيو ته جماعت اسلامي فرد ۽ معاشري جي تبديلي لاءِ محنت ڪري رهي آهي اسان جا ڪارڪن اسان جو سرمايو آهن ڪارڪن جماعت اسلامي جو ڪرپشن فري اسلامي پاڪستان جو پيغام گهر گهر پهچائين انشاءالله فتح حق ۽ سچ جي ٿيندي ۽ پاڪستان کي اسلامي نظام ملندو هن عوام کي اپيل ڪئي ته عوام اسان جي جدوجهد ۾ اسان سان گڏ هجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *