عمران خان ملڪ جي زراعت کي تباهه ڪري معاشي دهشتگردي ڪئي: بلاول ڀٽو

ڪراچي: (م.ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان زراعت کي تباهه ڪري معاشي دهشتگردي ڪئي. پ پ چيئرمين بلاول ڀتو زرداري صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته عمران خان هوش کان ڪم وٺي هن وقت ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جو بحران سنگين صورتحال اختيار ڪري چڪو آهي ۽ مارڪيٽ مان يوريا جي ٻوري 3 هزار 500 روپين ۾ بليڪ تي وڪرو ٿي رهي آهي. هن چيو ته پ پ جي دور ۾ پاڪستان سموري دنيا ۾ يوريا ڀاڻ وڪرو ڪندو هو ۽ اڄ ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ ڳولڻو پئجي رهيو آهي. برسات کان اڳ هارين کي يوريا ڀاڻ ملي وڃي ها ته فصلن جي پيداوار ۾ رڪارڊ واڌ ٿئي هئا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ هارين سان ٿيندڙ ظلم جي خلاف 21 جنوري کان ريليون ڪڍندي ۽ پيپلز پارٽي جي هاري يڪجهتي احتجاج ۾ سموري ملڪ جا هاري نڪرندا ۽ اسان حڪومت کان پنهنجا مطالبا مڃرائينداسين. بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان ملڪ جي زراعت کي تباهه ڪري معاشي دهشتگردي ڪئي آهي. ڪڻڪ جي پوکائي واري سيزن کان ڊي اي پي ڀاڻ 10 هزار روپيه في ٻوري وڪرو ٿي رهي آهي. جڏهن ته پيپلز پارٽي جي دور ۾ ڊي اي پي ڀاڻ جي في ٻوري 3500 روپين جي هئي. پ پ چيئرمين چيو ته پنجاب ۾ هارين کي واهن مان پاڻي نه پيو ملي، ٽيوب ويل هلائڻ سان سرڪاري قيمت تي ڪڻڪ جو وڪرو ممڪن نه ٿيندو، ان لاءِ سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي امدادي قيمت 2200 روپيه رکي. بلاول چيو ته ڊيزل بجلي ۽ جيتن کي مارڻ وارين دوائن جي قيمتن ۾ واڌ سان ڪڻڪ جي في ايڪڙ لاڳت وڌي وئي آهي ۽ پنجاب ۾ به ڪڻڪ جي امدادي قيمت ۾ اضافو ڪيو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *