ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس: آرمي چيف جي مري سانحي متاثرن جي مدد تي جوانن کي شاباس

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ داخلي سڪيورٽي صورتحال ۽ بارڊر مينجمينٽ جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو،جڏهن ته آپريشن ردالفساد جي ڪاميابين تي بريفنگ پڻ ڏني وئي.  ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ 246 هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿي، جنهن دوران سڪيورٽي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب ڪانفرنس دوران آپريشن ردالفساد جي اڳڀرائي ۽ ڪاميابين تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا مري جي برفاني طوفان ۽ بلوچستان ۾ برسات سبب پيدا ٿيل ٻوڏ واري صورتحال ۾ متاثرن جي مدد ڪرڻ واري عمل جي واکاڻ ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب جنرل قمر جاويد باجوا قدرتي آفتن دوران ريليف آپريشن ۾ شامل فارميشن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي، آرمي چيف فارميشن جي آپريشنل تيارين جي اطمينان جو اظهار ڪندي پيش ايندڙ چئلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ تربيت ۽ جنگي تياريون جاري رکڻ تي زور ڏنو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *