پرڏيهي فنڊنگ مان خبر پئجي چڪي آهي ته حڪومت کي ڪير ڪير فنڊز ڏيندو هو: مراد علي شاھھ

اسلام آباد (م.ڊ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته شاهه رخ جتوئي کي اسپتال منتقل ڪرڻ خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. رپورٽ موجب سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي وڏي وزير چيو ته هن حڪومت جي دور ۾ اٽو، کنڊ، دوائون، پيٽرول ۽ گئس جا اسڪينڊل سامهون آيا. اڃان ته هڪ اين جي اسڪينڊل اچي رهيو آهي. پرڏيهي فنڊنگ مان خبر پئجي چڪي آهي ته حڪومت کي ڪير ڪير فنڊز ڏيندو هو. مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجي نااهلي جو الزام ٻين مٿان لڳائيندي آهي. اٽو کنڊ، يوريا ڀاڻ بحران جو الزام سنڌ حڪومت مٿان لڳايو ويو. مري ۾ ماڻهو پنهنجي خاندانن سميت سخت سيءَ ۾ ڏڪندي فوت ٿي ويا. اسلام آباد کان صرف هڪ ڪلاڪ جي سفر تي مذڪوره سانحو ٿيو آهي. سانحي جي رد عمل کي سڀني چڱي طريقي سان ڏٺو. سنڌ جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته شاهه رخ جتوئي سميت جنهن کي به انتظاميه جي ماڻهن مدد ڏني انهن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي. مون کي ڪالهه انهي معاملي جي خبر پئي. اسلام آباد مان واپس وڃي سموري معاملي جي جاچ ڪندس. جڏهن ميڊيا روڊ تي بيهي ماڻهن کان راءِ وٺندو آهي ۽ اهي سنڌ حڪومت کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا آهن ته مون کي خوش ٿيندي آهي ۽ ان سان گڏ اها به خبر پوندي آهي ته ڇا ٿي رهيو آهي. ميڊيا سمجهندو آهي ته اسان ايڪسپوز ڪري ڇڏيو، پوائنٽ اسڪورنگ ٿي رهي آهي پر اسان کي ته خوشي ٿيندي آهي،ميڊيا ۾ معاملو اچڻ کان پوءِ اسان کي خبر پوندي آهي ۽ اسان ان تي ايڪشن کڻندا آهيون. اسان اهو نٿا چئون ته اسان سٺو ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ انتظاميه سٺو ڪم ڪيو آهي. اسان پنهنجي غلطي کي صحيح ڪندا آهيون ميڊيا اسان جون غلطيون ڏيکاريندو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *