عمران خان جي سياست شارٽ ڪٽ تي ٻڌل آهي، 58 ٽو بي آڻڻ جي خواهش رکندر سمجهي ڇڏين هاڻي ايئن ٿو ٿي سگهي: نثار کهڙو

ڪراچي (اي پي پي) سنڌ جي اطلاعات واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته عمران خان جي سياست شارٽ ڪٽ تي ٻڌل آهي، هن شارٽ ڪٽ جي چڪر ۾ آمر پرويز مشرف جي حمايت ڪئي هئي ۽ هاڻي شارٽ ڪٽ ذريعي وزيراعظم بڻجڻ جو خواب ڏسي رهيو آهي، صوبائي احتساب ڪميشن جو مسودو تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو منظوريءَ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. نثار احمد کهڙو چيو ته  عمران خان جي شارٽ ڪٽ سبب  سندس پارٽي پي ٽي آءِ پاڻ اندروني انتشار جو شڪار آهي، ان ڪري عمران خان بلاول ڀٽو زرداريءَ تي تنقيد ڪرڻ بدران پنهنجي پارٽيءَ جي اندروني انتشار تي ڏيان ڏئي. هن چيو ته آمر پرويز مشرف جي ريفرينڊم جو حامي عمران خان ڪڏهن به عوامي ليڊر نه ٿو ٿي سگهي. هو بلاول ڀٽو زرداريءَ بدران آمر پرويز مشرف کي ياد ڪري تسڪين وٺي. هن چيو ته سياست حلوائيءَ جو دڪان ناهي ان ڪري عمران خان پهريان پيپلز پارٽيءَ وانگر هڪ به قرباني ڏئي ڏيکاري پوءِ ٻين تي تنقيد ڪري. هن چيو ته عمران خان ماضيءَ وانگر 58 ٽو بي چاهي ٿو پر هاڻي اهو زمانو گذري ويو جڏهن هڪ چارج شيٽ تي جمهوري حڪومتن کي گهر موڪليو ويندو هو. نثار احمد کهڙو چيو ته ڪجهه ادارن پاران سنڌ کي نشانو ٺاهيو پيو وڃي جنهن ڪري ضروري سمجهوسين ته صوبي ۾ احتساب جو ادارو هجڻ ان ڪري صوبائي احتساب ڪميشن جوڙڻ لاءِ مسودو تيار ڪيو ويو آهي جيڪو منظوريءَ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته  ڪجهه جماعتن کي مڪاني چونڊن کان اڳ پنهنجو مستقبل نظر اچي رهيو آهي جنهن ڪري اهي جماعتون پيپلز پارٽيءَ تي چونڊن کان اڳ ڌانڌليءَ جا الزام هڻي رهيون آهن پر کين ياد رکڻ گهرجي ته چونڊون حڪومت نه پر اليڪشن ڪميشن ڪرائيندي آهي، ان ڪري جن جماعتن کي خدشا آهن ته اهي اليڪشن ڪميشن سان رجوع ڪن. هن چيو ته مخالف ڀلي زور آزمائي ڪري ڏسن پر پيپلز پارٽي عوام جي ووٽ جي طاقت سان عام چونڊن وانگر سنڌ ۾ مڪاني چونڊون به سئيپ ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *