عمران خان پاران 4 آڪٽوبر تي ميگا ڪرپشن بي نقاب ڪرڻ جو اعلان

لاهور(بيورو) تحريڪ انصاف جي چئيرمين عمران خان ٻئي ڏينهن به چونڊ ريلي جي اڳواڻي ڪئي. ان موقعي تي 32 مسلم ليگين پي ٽي آئي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ڪپتان 4 آڪٽوبر تي ميگا ڪرپشن تان پڙدو کڻڻ جو اعلان ڪيو آهي.عمران خان لاهور جي تڪ اين اي 122 ۾ ٻئي ڏينهن به چونڊ ريلي جي اڳواڻي ڪئي. اسلاميا پارڪ ۾ 32 ليگي اڳواڻنپارٽي ڇڏي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.ان موقعي تي عمران خان چيو ته نئين پاڪستان ۾ چورن ڦورن جي ڪا به جڳهه ناهي. نئين پاڪستان ۾ چورن جو پڇاڻو ٿيندو ۽ اهي اسيمبلين ۾ نه پي جيلن ۾ ويندا.محنت ڪندڙ هر ڪارڪن مٿي ايندو. تحريڪ انصاف جو هر ميمبر ان جو پڇاڻو ڪري سگهي ٿو.ڪارڪن انهن کان سندن ملڪيتن بابت به پڇي سگهن  ٿا. 18 سال ٻاهر ڪمايو، سڄو پئسو پاڪستان ۾ آهي پر ليگي ڪارڪن محمد نواز شرف کان پڇي سگهن ٿا ته انهن جي ملڪيت ڪٿي آهي ۽ انهن تي ڪو به الزام آهي ته ڪارڪن ان جو به پڇاڻو ڪري سگهن  ٿا.عمران خان چيو ته مسلم ليگ وارا 6 ڀيرو پنجاب ۾ حڪومت ڪري رهيا آهن، عوام غريب ٿيندو پيو وڃي ۽ حڪمران امير ٿيندا پيا وڃن. پنجاب ۾ صاف پاڻي ۽ اسڪولن جو ڪو بهتر نظام ناهي، اهي جيترا ڀيرا حڪومت ۾ ايندا، قوم غريب ٿيندي ويندي آهي. هارين لاءِ جيڪو پيڪيچ ڏيڻ گهرجي ها اهو ته نه ڏنو ۽ جيڪڏهن هارين کي پيڪيج ڏيڻو ئي هو ته بجيٽ ۾ ڇو نه ڏنو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *