منيٰ سانحي ۾ شهيد پاڪستانين جو انگ وڌي 52 ٿي ويو،49 شهيدن جي سعودي عرب ۾ تدفين ڪئي وئي آهي: سردار يوسف

اسلام آباد (بيورو) منيٰ سانحي ۾ شهيد پاڪستانين جو انگ وڌي 52 ٿي ويو آهي، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار يوسف چيو آهي ته 49 شهيدن جي سعودي عرب ۾ تدفين ڪئي وئي آهي ۽ زخمين مان 37 کي علاج بعد فارغ ڪيو ويو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت پاران منيٰ سانحي ۾ شهيد پاڪستانين بابت نوان تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن. مذهبي معاملن واري وزير سردار يوسف جو چوڻ آهي ته منيٰ سانحي ۾ شهيد پاڪستانين جو انگ وڌي 52 ٿي ويو آهي، جن مان 49 شهيدن جي سعودي عرب ۾ تدفين ڪئي وئي آهي. سردار يوسف جو چوڻ آهي ته سانحي ۾ زخمي ٿيل 49 پاڪستانين مان 37 کي اسپتالن مان فارغ ڪيو ويو آهي، ٻارنهن پاڪستاني حاجي اڃا به مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. مذهبي معاملن واري وزارت موجب، سانحي ۾ شهيد ٿي ويل اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي ڀاڻيجي اسد مرتضيٰ گيلاني جو مڙهه ڏيهه آڻڻ لاءِ انتظام ڪيا پيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *