صوبن ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو اختيار اليڪشن ڪميشن کي ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) چونڊ سڌارن بابت ذيلي ڪاميٽي صوبن ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو اختيار اليڪشن ڪميشن کي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، هاڻ ڪميشن کي صوبن ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ صوبائي حڪومتن جي راضپي جي ضرورت نه هوندي، ڪميشن مڪاني ادارن جو مدو ختم ٿيڻ جي 120 ڏينهن ڱانپوءِ پاڻمرادو چونڊون ڪرائڻ لاءِ بااختيار هوندي. ڪاميٽي جو اجلاس ڪنوينئر زاهد حامد جي سربراهي ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ڊاڪٽر عارف علوي، شيرين مزاري ۽ شازيه مري سميت ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي، ڪاميٽي آئين جي شق 0 4 1 اي ۾ به ترميم جي سفارش ڪري ڇڏي، ڪاميٽي جي پڇاڻي تي اليڪششن ڪميشن اختيارين ٻڌايو ته سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ ڪميشن ورڪنگ گروپ جوڙي ڇڏيو آهي، ڪاميٽي ورڪنگ گروپ ۾ ڪاميٽي جي نمائندگي لاءِ ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري کي به ميمبر مقرر ڪري ڇڏيو، اجلاس ڱانپوءِ زاهد حامد ميڊيا کي ٻڌايو ته ورڪنگ گروپ ۾ ڪاميٽي جي نمائندگي نه هئي، ان لاءِ ٻن ميمبرن کي مقرر ڪيو. هن چيو ته بائيو ميٽرڪ سسٽم ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ جي حوالي سان گڏيل قومن جي اداري يو اين ڊي پي به هڪ رپورٽ ڪاميٽي حوالي ڪئي هئي، جنهن جون ڪاپيون يمبرن ۾ ورهائي ڇڏيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *