43 کرب 13 ارب جي وفاقي بجيٽ پيش، دفاع لاءِ 780 ارب رپيا مختص

‏اسلام آباد (بيورو) نواز سرڪار پهرين جولائي کان شروع ٿيندڙ نئين مالي سال 2015-16 جي لاءِ 43 کرب 13 ارب رپين جي وفاقي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي. خزاني جي وفاقي وزير اسحاق ڊار نئين مالي سال جي بجيٽ پيش ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اجلاس جي صدارت ڪئي. اسحاق ڊار سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ ساڍا 7 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته پگهارن ۽ الائونس جي مد ۾ 183ڏهائي 95ارب مختص ڪيا ويا. اسحاق ڊار چيو ته گذريل سال جي مالي کوٽ 5ڏهائي 5تائين محدود ڪئي وئي. وزيراعظم جي قدمن سبب معاشي پاليسيون مضبوط ٿيون. مهانگائي جي شرح 11سالن جي سڀ کان گهٽ سطح تي آئي آهي. هلندڙ سال ترقي جي شرح 7سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي آهي. هن چيو ته 20 ارب 83ڪروڙ ڊالرز جون شيون امپورٽ ڪيون ويون.هن چيو ته مشينري جي درآمد تي 10 ڏهائي 3سيڪڙو اضافو ٿيو. ناڻي وارا ذخيرا 17ارب ڊالرز تائين پهچي ويا آهن. ناڻي وارن ذخيرن کي 19 ارب ڊالرز تائين پهچائڻ جو هدف مقرر ڪيو . هن چيو ته ڄامشوري ۾ ڪوئلي مان بجلي پيداوار جي پلاٽن لاءِ 20ارب رپيارکيا ويا. اسحاق ڊار چيو ته ڊسمبر 2017 تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي ويندي. پگهارن ۽ الائونس جي مد ۾ 183.95 ارب رپيا مختص ڪيا ويا. هن چيو ته پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 12هزار مان وڌائي 13هزار ڪئي وئي. پاڻي جي بجلي منصوبن لاءِ 30 ارب 12 ڪروڙ رپيا رکيا ويا. هن چيو ته واپڊا لاءِ 112ارب 29ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته ڪميونٽي پروگرام لاءِ 20 ارب رپيا رکيا ويا آهن. وزيراعظم يوٿ پروگرام لاءِ 20 ارب رپيا رکيا ويا آهن. نيلم جهلم پاور پراجيڪٽ لاءِ 11ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته بجلي جي 7هزار ميگا واٽ منصوبن تي ڪم هلندڙ آهي. مجموعي گهرو پئداوار جي رفتار 13سيڪڙو تائين آڻڻ جو هدف رکيو آهي . جڏهن ته 128تعلقن کي فائيبر آپٽڪس سان ڳنڍيو پيو وڃي. گاڏين جي ٽرانسفر ۽ ٽوڪن ٽيڪس تي وٿ هولڊنگ ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته صحت لاءِ 11ڏهائي هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن . هن چيو ته بچاءَ لاءِ 781.2ارب رپيا رکيا ويا آهن. تعليم لاءِ. 75.58 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته وفاق جو ساليانو ترقياتي پروگرام 7سئو ارب رپين تي ٻڌل هوندو. اعليٰ تعليم لاءِ 71ڏهائي 5ارب رپيا رکيا ويا آهن. زرعي ترقي جو هدف 3ڏهائي 9سيڪڙو مقرر ڪيو آهي. هن چيو ته گهٽ آمدني وارن کي 2سيڪڙو ٽيڪس رعايت ڏني وئي آهي. هن چيو ته سنڌ صوبي لاءِ 482ڏهائي 8سئو هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن يوٿ لون اسڪيم تي وياج جي شرح 8مان گهٽائي 6سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ريلوي جي ترقي لاءِ 170انجڻيون خريد ڪيون وينديون. هن چيو ته ديامر ڀاشا ڊيم جي زمين خريد ڪرڻ لاءِ 15ارب رپيا رکيا ويا. پاڪستان انرجي ڪميشن لاءِ 30ارب 40 ڪروڙ رکيا ويا. دفاع واري بجيٽ ۾ 11سيڪڙو واڌ کانپوءِ 780ارب رپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته 12ارب رپين جي لاڳت سان يونيورسل اي ٽيلي سينٽر کوليا ويندا. هن ڪي اي ايس کي 20ارب رپيا سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته يوٽيلي اسٽورز ڪارپوريشن لاءِ سبسڊي 7ارب رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. هن رمضان پيڪيج لاءِ 3ارب رپين جو اعلان ڪيو. جڏهن ته ڪڻڪ، اٽي ۽ کنڊ جي ايڪسپورٽ تي سبسڊي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ڊگهي مدي وارين قرضن تي مارڪ اپ گهٽائي 6سيڪڙو ڪيو ويو آهي. اسحاق ڊار گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ لاءِ 3ارب رپيا رکڻ جو اعلان ڪيو. ايڪسپورٽ واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ 6ارب رپيا رکيا ويندا. جڏهن ته تربيلا فور ۾ واڌ واري منصوبي لاءِ 11ارب رپيا رکيا ويا. ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ 30لک نوڪرين لاءِ 64ارب رپيا مقرر ڪيا ويا آهن. پاڪستان ريلوي جي نقصان جي ازالي لاءِ 37ارب رپيا مقرر ڪيا ويا آهن. واپڊا ۽ پيپڪو کي 98ارب رپيا سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. اسحاق ڊار چيو ته بينظير انڪم سپورٽ فنڊ جي رقم 97 ارب رپين مان وڌائي 102 ارب رپيا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته بيت المال جي بجيٽ 2 ارب رپين جي اضافي سان 4 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. خزاني جي وفاقي وزير ٻڌايو ته حڪومت تباهي جي ڪنڌي تي پهتل معيشت جي بحالي طرف گامزن ڪري ڇڏيو آهي ۽ پاڪستاني معيشت لڏندڙ ٻيڙي کي محفوظ ڪناري تائين پهچائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته حڪومت معيشت جي بحالي لاءِ ڪڏهن به ڏکيا فيصلا ڪرڻ کان نه هٻڪي آهي ۽ معاشي ماهرن جون اڳڪٿيون غلط ٿابت ڪيون آهن. هن جو چوڻ هو ته هلندڙ مالي سال دوران اقتصادي ترقي جي رفتار 4.24 سيڪڙو رهي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال دوران مهانگائي جي رفتار يارهن سالن گهٽ کان گهٽ رهي،جڏهن ته ڌرڻي ۽ ٻوڏ سبب معاشي ڪاٿا پورا ٿي نه سگهيا. هن چيو ته هلندڙ مالي سال دوران پرڏيهي ناڻي جي مٽاسٽا جو ڪاٿو 19 ڊالر مقرر ڪيو ويو . هن جو چوڻ هو ته وياج جي شرح کي گهٽائي 7 سيڪڙو تائين آندو ويو آهي، جنهن سان سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي. خزاني جي وزير مطابق ملڪ ۾ في ماڻهو جي آمدني 13 سو ڊالرن مان وڌي ڪري 1512 ڊالر ٿي وئي آهي. خزاني جي وزير جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي عوام جي لاءِ گرين بس ٽرانزٽ سسٽم متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ 16 ارب رپيا رپيا ويا آهن ۽ هي منصوبا ڊسمبر 2016 تائين مڪمل ڪيا ويندا خزاني جي وزير مطابق صدر ۽ سرجاڻي ٽائون جي وچ ۾ ان منصوبي مان 3 لک ماڻهو کي روزانو فائدو ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *