صدر اسلامي ۽ پاڪ – هند تاريخ تعليمي نصاب ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) صدر ممنون حسين ملڪ ۾ پڙهيل لکيل ماڻهن جي شرح ۾ واڌ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان مقصد لاءِ قومي افرادي قوت ۾ عورتن جي شموليت اڻٽر آهي. هن اها ڳالهه انساني ترقي بابت قومي ڪميشن جي چيئرپرسن روزينه عالم خان سان ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي تعليم ۽ فني تربيت وارو وفاقي سيڪريٽري امتياز تاجور به موجود هو. صدر چيو ته ملڪ جي ڪيترن ئي مسئلن جي ڪري خواندگي شرح ۾ گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته عورتن کي مرڪزي ڌارا ۾ آندو وڃي ته جيئن سماجي شعبي ۾ وڏيون تبديليون اچي سگهن ۽ معاشري جا اهي طبقا به عورتن کي تعليمي ادارن ۾ موڪلڻ تي راضي ٿين جيڪي گڏيل تعليمي نظام جي حق ۾ نه آهن. صدر اسلامي ۽ پاڪ هند تاريخ کي تعليمي نصاب ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ان جي نتيجي ۾ ٻارن ۾ تاريخ جو صحيح شعور پيدا ٿيندو ۽ هو سٺا پاڪستاني ۽ سٺا انسان بڻجي سگهندا،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *