شڪارپور ۾ ڪار ۽ ڪوچ ۾ ٽڪر 3 عورتن سميت 6 ڄڻا فوت، 20 زخمي

شڪارپور (اين اين آءِ) شڪارپور ۾ خانپور انڊس هاءِ وي تي ڪار ۽ ڪوچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار ٽن عورتن سميت 6 ڄڻا فوت جڏهن ته 20 زخمي ٿي پيا حادثي ۾ ڪار مڪمل طور تي تباهه ٿي ويئي. جڏهن ته مسافر ڪوچ کي سخت نقصان پهتو واقعي کان پوءِ مسافر ڪوچ جو ڊرائيور فرار ٿي ويو پوليس موجب خانپور انڊس هاءِ جي نملاڙو جي جڳهه تي مسافر ڪوچ ۽ ڪار ۾ ٽڪر ٿيو حادثي ۾ هڪ ئي خاندان جي پنجن ڄڻن سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا. جڏهن ته ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ سان 20 مسافر زخمي ٿي پيا حادثي کان پوءِ علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت لاشن کي ڪار مان ڪڍي تعلقي اسپتال خانپور منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته زخمين کي به خانپور اسپتال ۽ سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *