آئين ۾ اهڙو ڪو به شرط ناهي ته سزا مليل شخص پارٽي عهدو نه ٿو رکي سگهي: مريم نواز

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز پارٽي عهدي خلاف درخواست تي پنهنجي لکت جواب ۾ چيو آهي ته آئين ۽ اليڪشن ايڪٽ ۾ اهڙو ڪو به شرط ناهي ته سزا کاڌل ماڻهو پارٽي عهديدار نه ٿو رهي سگهي.  اليڪشن ڪميشن مريم نواز جي سياسي عهدي خلاف تحريڪ انصاف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. مسلم ليگ ن طرفان جواب جمع نه ڪرايو ويو. مسلم ليگ ن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته  درخواستگذار مريم نواز  جي پارٽي نائب صدر طور مقرري تي پريس ڪلپنگز ڏنيون آهن ان بابت نوٽيفڪيشن پيش نه ڪيو آهي. مريم نواز پنهنجي جواب ۾ چيو ته آئين ۽ اليڪشن ايڪٽ ۾ اهڙو ڪو به شرط ناهي ته سزا مليل شخص پارٽي جو عهدو نه ٿو رهي سگهي، آمريت ۾ عوامي نمائندن  کي چونڊڻ کان روڪڻ لاءِ اهڙي قسم جا قانون جوڙيا ويا، سياسي پارٽين جي آرڊر 2002ع ۾ شق رکي وئي ته سزا مليل شخص پارٽي عهدو نه ٿو رکي سگهي، پارليامينٽ اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ ان شق کي ختم ڪيو ويو هو. مريم نواز چيو ته سپريم ڪورٽ جا فيصلا اليڪشن ڪميشن تي لاڳو نه ٿا ٿين، تنهن ڪري نواز شريف بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو هتي لاڳو نه ٿو ٿي، مليحا بخاري ۽ ٻيا درخواست گذار متاثر ڌر نه آهن تنهن ڪري درخواست نه ٻڌڻ جوڳي آهي تنهن کي خارج ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *