نيب ڪرپشن جي رقم سنڌ کان وڌيڪ ٻين صوبن مان اوڳاڙي ان باوجود سنڌ کي وڌيڪ ڪرپٽ صوبو چوڻ مذاق آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ نيب پري بارگين ۽ رضاڪاراڻي طور تي واپس ڪندڙ ۾ سنڌ جي مقابلي ۾ ٻين صوبن مان برآمد ۽ وصول ڪيل رقم ڪئي ڀيرا وڌيڪ آھي پر ان جي باوجود سنڌ کي ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ صوبو چيو پيو وڃي جيڪا ھڪ مذاق واري ڳالھھ آھي. ھن اھا ڳالھھ اڄ سنڌ اسيمبليءَ جي فلور تي بجيٽ بابت ڪيل سندس تقرير ۾ ڪئي، ھن 03:51 منٽن تي تقرير شروع ڪئي ۽ شام 06:06 منٽن تي تقرير کي ختم ڪيو، اھڙي ريت ھن ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ تقرير ڪئي. مراد علي شاھھ سندس تقرير شاھھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ان شعر ”سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،. دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.“ ھن چيو تھ ھُو ان ڳالھھ کي خراب نٿو سمجھي جيڪڏھن سندس تنقيد ڪئي وڃي پر ھو ڪنھن کي بھ ڌرتي ماءَ سنڌ تي تنقيد ڪرڻ جي اجازت نھ ڏيندو. سنڌ پيار، ڀائپي ۽ امن جي ڌرتي آھيڌ. ھن چيو تھ گذريل 45 کان 46 ڪلاڪن دوران 121 اسيمبلي ميمبرن بجيٽ تي ٿيندڙ بحث ۾ حصو ورتو. ھن چيو تھ پيپلز پارٽي جي 99 ميمبرن مان 62 ميمبرن تقريبن 20 ڪلاڪن دوران بجيٽ تي ٿيل بحث ۾ حصو ورتو، پي ٽي آءِ جي 30 ميمبرن مان 99 سيڪڙو ميمبرن بحث ۾ حصو ورتو، ايم ڪيو ايم جي 23 ميمبرن مان 19 ميمبرن بحث ۾ حصو ورتو جنھن مان انھن جي 90 سيڪڙو شرڪت ظاھر ٿئي ٿي، جي ڊي اي جي 14 ميمبرن مان 10 بحث ۾ حصو ورتو. ٽي ايل پي جي ٽن ميمبرن مان ٻن حصو ورتو. ھن چيو تھ ان مان ظاھر ٿئي ٿو مخالف ڌر کي بحث ۾ شرڪت ڪرڻ جو ڀرپور موقعو ڏنو ويو پر ان جي باوجود اھي چئي رھيا آھن ۽ شڪايت ڪري رھيا آھن تھ انھن کي تقرير ڪرڻ جي اجازت نھ ڏني وئي. مراد علي شاھھ چيو تھ قومي اسيمبليءَ ۾ بجيٽ تي 40 سيڪڙو بحث ڪئي وئي، پي ٽي آءِ جا 126 ميمبر آھن ۽ انھن کي 18 ڪلاڪ ڳالھائڻ جي اجازت ڏني وئي. پي ايم ايل (اين) جي 84 ميمبرن مان 30 سيڪڙو کي اجازت ڏني وئي. ھن چيو تھ پنجاب اسيمبليءَ ۾ 26 سيڪڙو ميمبرن کي بجيٽ بحث ۾ شرڪت جي اجازت ڏني وئي جڏھن تھ ڪي پي ڪي اسيمبلي ءَ 30 سيڪڙو ۽ بلوچستان اسيمبليءَ 14 سيڪڙو ميمبرن کي بجيٽ تي ٿيندڙ بحث ۾ شرڪت جي اجازت ڏني وئي. ھن چيو تھ سنڌ ۾ مخالف ڌر ۾ جيترو وڌيڪ بجيٽ تي ٿيل بحث ۾ شرڪت جو موقعو فراھم ڪيو ان مان اسان جي جمھوري سوچ جي عڪاسي ٿي رھي آھي. ھن چيو تھ اسان ملازمن جي پگھارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ڪئي جڏھن تھ وفاق 10 سيڪڙو واڌ ڪري 5 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏيو. چيو ويندو آھي تھ ڪي پي ڪي 13 ارب رپيا ۽ بلوچستان 6.5 ارب رپيا ٽيڪس وصول ڪندا آھن، سنڌ 193 بلين رپيا وصول ڪيا ان مان اندازو ٿي رھيو آھي تھ اسان جي ڪليڪشن وفاق کان وڌيڪ آھي. ڇا ايف بي آر 216 بلين رپين جي وصولي ڪئي آھي؟ پنجاب ھن سال 166 بلين وصوليون ڪيون جيڪي گذيل سال کان وڌيڪ ٻڌايون ويون. ھن چيو تھ اسان سوچيو تھ ھن سال جي 11 مھينن ۾ شايد بھتري آئي ھجي ھاڻ تھ شبر بھ اچي ويو آھي، ڪو بھ فرق نھ ايندو ڇاڪاڻ تھ مٿان کان ئي خرابي آھي. وفاق 3.27 ٽرلين وصوليون ڪيون آھن. 165 بلين ھن سال اسان وصول ڪيو آھي. اسان تي تنقيد ڪئي ويندي آھي تھ پنجاب ترقيءَ ۾ اسان کي اڳتي آھي تھ پنجاب جو ڊولپمينٽ بجيٽ بھ ڏسو جيڪو اسان کان ڪيترا ڀيرا وڌيڪ آھي. پنجاب حڪومت جي توجھھ پريزنٽيشن تي آھي ڪم تي نھ آھي. رنگ ھجي، ڊانس ھجي پر ملڪ تباھھ ٿئي. 2017ع ۾ پنجاب ۾ 635 بلين رپين جو بجيٽ ھو ھن سال 238 بلين رکيو ويو آھي. اسان فالو نھ ڪنداسين. اھڙي ڪارڪردگيءَ سان اسان ماڻھن کي بيوقوف نھ بڻائينداسين. 9 مھينن ۾ گذريل سال 389 ۽ ھن سال 108 ارب خرچ ڪيا آھن. اسان ڪجھھ سٺو ناھي ڪيو 138 ارب رپين جي بدران اسان 109 ارب رپيا گھٽ خرچ ڪيا آھن ڇاڪاڻ تھ وفاق کان منتقلي گھٽ ٿي آھي. 126 ارب رپيا گھٽ ملڻ ڪري اسان خرچ نھ ڪري سگھيا سين. ڪيپسٽي جي ڳالھھ ڪئي ويندي آھي. 252 بلين ھدف ھو، 126 ارب رپيا گھٽ ھوندا تھ ڪيئن خرچ ڪيا وڃن. 91.6 ارب ھن سال اسان خرچ ڪيا. خواجا صاحب اسيمبليءَ ۾ نھ آيو ايوان مان آواز آيو تھ کين طبيعت خراب آھي، ڌڻي سڳورو رحم ڪري، اڄ ڪيترن جي طبيعت خراب آھي. پي ٽي آءِ حڪومت ۾ ڊالر 121 رپين مان 157 رپين جو ٿي ويو. عام ماڻھو چوندو آھي اھو عذاب ڪڏھن ختم ٿيندو ۽ اھي چوندا آھن تھ خان آيو آھي. پي ايس ڊي مان سنڌ جون 36 رٿائون ختم ڪيون ويون. ڪراچيءَ جي ٽن اسپتالن کي وٺڻ لاءِ اسلام آباد مان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، اڄ تائين وفاقي حڪومت جو اڃا تائين اين آءِ سي وي ڊي وٺڻ نھ آيو آھي. وفاقي حڪومت ڪراچيءَ جي ٽن اسپتالن لاءِ فنڊ ناھن رکيا. جي ڊي پي گروٿ بھتر ناھي ٿي، ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر ۾ ھڪ سال دوران ريڪارڊ گهٽتائي ٿي آھي. مون کي چيو ويو تھ وزيراعظم ڪي فور بابت اجلاس گھرايو آھي اوھان تياري ڪري اچو، اجلاس واري ڏينھن ٻھ ڪلاڪ اڳ ٻڌايو ويو تھ اجلاس ڪينسل ڪيو ويو آھي ۽ اڄ تائين اھو اجلاس ناھي گھرايو ويو آھي. نيب جي ويب سائيٽ مطابق ڪي پي ڪي ۾ 114 ڪيسز آھن جيڪي بارگينگ جا آھن. بلوچستان ۾ 46 ڪيسز، پنجاب ۾ 170 ڪيسز ۽ سنڌ ۾ 69 ڪيسز آھن. ھن ايوان ۾شعر ۽ شعري تھ گھڻي ڪئي وئي مون بھ لکيا آھن پر مان نھ پڙھندس. ھن چيو تھ مان تمام گھڻو ٿورائتو آھيان پنھنجي ليڊرشپ ۽ عوام جو جن اعتماد ڪيو آھي. صوبي جي رھواسين جو ٿورائتو آھيان جن پيپلز پارٽيءَ جي چونڊ ڪئي. اللھ پاڪ جي مھرباني آھي مون ڪيترائي ڀيرا بجيٽ پيش ڪيو آھي اھو مون لاءِ اعزار واري ڳالھھ آھي. سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر بھترين طريقي سان اجلاس ھلائڻ تي سلام پيش ڪريان ٿو. ڪرپشن جي نالي تي سنڌ کي ھٿرادو طور تي بدنام ڪيو ويو. نيب ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس پنجاب ۾ آھن. ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان مان ڪيترائي ڪيس آفيسرن تي بڻايا ويا. نيب ۾ رضاڪاراڻي واپسي ۽ پلي بارگين ۾ بھ سنڌ جي شرح گھٽ آھي سنڌ سان گڏ ٻين صوبن جي مقابلي ۾ تعصب وارو رويو رکيو ويو آھي. ايف بي آر جو ڊيٽا محفوظ نھ آھي بلڪھ تمام غيرمحفوظ آھي. نئون ديرو شگر ملز 2002ع ۾ پرائيوٽائيز ڪئي وئي. نئون ديرو شگر ملز ۾ قائم علي شاھھ کي گھرايو ويندو آھي. نئون ديرو شگر ملز جي نجڪاري مشرف دور ۾ ٿي، ڇا مشرف کان ڊڄي رھيا آھي؟ نئون ديرو شگر ملز ڪيس ۾ مشرف ۽ ان وقت جي ناڻي واري وزير کي بھ گھرايو وڃي. سنڌ پيار ڪرڻ وارن جي ڌرتي آھي جنھن ڌرتيءَ تي اوھان رھندا آھيو ان جي خوشحاليءَ جي ڳالھھ ڪريو. اسان تمام ميمبرن کي بجيٽ تي ڳالھھ ڪرڻ جو ڀرپور موقعو فراھم ڪيو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *