شڪارپور ۾ بولان ايڪسپريس جون 6 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، ڪيترائي مسافر زخمي

سکر (بيورو) شڪارپور ۾ بولان ايڪسپريس جون 6 بوگيون پٽڙي تان لهڻ جي نتيجي ۾ ڪيترائي  مسافر زخمي ٿي پيا. ڊي ايس پي ريلوي فرح تيمور خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اڱاري جي صبح شڪارپور جي پسگردائي واري علائقي مديجي ۾ بولان ايڪسپريس جون 6 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي مسافر زخمي ٿي پيا آهن. هن چيو ته بولان ايڪسپريس ڪراچي کان ڪوئٽا وڃي رهي هئي. هن چيو ته ريلوي ٽريڪ جي مرمت جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي پر ڪراچي کان ڪوئٽا وچ ۾ ريلوي ٽريڪ عارضي طور تي بند ڪيو ويو آهي. شروعاتي جاچ موجب حادثو دادو ڪئنال جو حفاظتي بند ٽڻڻ سبب پيش آيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *