وپل شاهه ۽ اڪشي ڪمار ”نمستي لنڊن“ جو سيڪوئل ٺاهيندا

ممبئي(شوبز نيوز) هدايتڪار وپل شاهه ۽ اداڪار اڪشي ڪمار 2007ع ۾ ريليز ٿيندڙ ڪامياب فلم ”نمستي لنڊن“ جو سيڪوئل ٺاهيندا. ذريعن مطابق اڪشي ڪمار وپل شاهه سان ملي ”نمستي لنڊن“ جو سيڪوئل انگلينڊ ۾ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان فلم جي شوٽنگ سيپٽمبر ۾ شروع ڪئي ويندي. فلم جو مرڪزي ڪردار هن ڀيري ٻيهر اڪشي ڪمار پاڻ ڪندو جڏهن ته هيروئن جي نالي جو اعلان ناهي ڪيو ويو. نمستي لنڊن ۾ اڪشي جي مقابلي ۾ ڪترينه ئي ۽ جڏهن ته رشي ڪپور به فلم ڪم ڪيو آهو. اڪشي مطابق سيڪوئل فلم جي ڪهاڻي جو تسلسل نه هوندو بلڪ ان لاءِ نئون پلان لکيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *