سچ کي دٻائي نٿو سگهجي، تمام جلد سمورن سليڪٽيڊ ماڻهن کي گهر وڃڻو پوندو: بلاول ڀٽو

اسلام آباد(م.ڊ) بلاول ڀٽو قاسم سوري جي ڊي سيٽ ٿيڻ تي تبصرو ڪندي چيو ته قومي اسيمبلي ۾ لفظ سليڪٽيڊ تي پابندي هڻندڙ ڊپٽي اسپيڪر اڄ ڊي سيٽ ٿي ويو. تفصيل موجب سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته سچ کي دٻاءُ نه ٿو سگهجي، جلد سمورن سليڪٽيڊ ماڻهن کي وڃڻو پوندو. هن ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي ڊي سيٽ ٿيڻ تي تبصرو ڪندي چيو ته قاسم سوري جي تڪ جي 65 هزار ووٽن جي تصديق نه ٿي سگهي، قومي اسيمبلي ۾ سليڪٽيڊ جي لفظ تي پابندي لڳائيندڙ ڊپٽي اسپيڪر اڄ پنهنجي سيٽ کان محروم ٿي ويو آهي.  ٻئِ طرف پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عالمي سوشل ڊيموڪريٽڪ تنظيم سوشلسٽ انٽرنيشنل کي ڪشمير مسئلي تي خط لکيو آهي. پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خط ۾ چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا جي هڪ سياسي پارٽي جو سربراهه هجڻ جي حيثيت ۾ ڪشمير مسئلي تي ڪامريڊز جي توجهه چاهيون ٿا، سوشلسٽ انٽرنيشنل سان لاڳاپيل سياسي پارٽين ڪشمير ۾ انساني حقن جي پامالي تي آواز اٿاريو. بلاول ڀٽو چيو ته ڪشميرين جي جدوجهد اصل ۾ جاگيدار ڊوگرن خلاف مزاحمت سان شروع ٿي، نو لک اڀرتي فوجين ڪشمير ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري رکيو آهي، پنجاهه ڏينهن کان وڌيڪ ٿي چڪا آهن، ڪشميري ڪرفيو جي ڪري بنيادي انساني حقن کان محروم آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *