والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو هٽڻ سان خونريزي ٿيندي، جنگ لڳي ته ڪجهه به ٿي سگهي ٿو: عمران خان

نيويارڪ(نيوز ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن کي والاريل ڪشمير مان ڪرفيو هٽائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ڪشميرين سان جهڙو ظلم ڪيو پيو وڃي، اهڙو ظلم مونسان ٿئي ته مان به هٿيار کڻڻ تي مجبور ٿيندس. ڀارت کي ڪرفيو هٽائڻو پوندو، جنگ جي صورت ۾ ڪو به آپشن نه بچندو پر ان جو اثر دنيا تي به پوندو. وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي والاريل ڪشمير ۾ ظلمن ۽ ڀارت جو ڪڌو چهرو وائکو ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سمورن انتهاپسندن گروپس کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، گڏيل قومن کي درخواست ڪيان ٿو ته پنهنجو مشن پاڪستان اماڻي چيڪ ڪري. عمران خان چيو ته ڀارت سلامي ڪائونسل جي 11 ٺهرائن کي پٺي ڏيندي والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪئي ۽ واڌو فوج اماڻي. ڀارت ڪرفيو لڳائي 80 لک ڪشميرين کي واڙي رکيو آهي، دنيا کي ڀارت جو اصلي ۽ ڪڌو چهرو ڏيکارينداسين ۽ والاريل ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلم وائکا ڪنداسين. عمران خان چيو ته نريندر مودي چونڊ مهم ۾ ” اهو ته ٽريلر آهي، پڪچر اڃا رهيل آهي، پاڪستان کي سبق سيکاريندس“ جهڙا لفظ استعمال ڪيا. هن چيو ته نريندر مودي جو آر ايس ايس جو ميمبر آهي، اها تنظيم هلٽر مان متاثر ٿي ٺاهي وئي ۽ آر ايس ايس مسلمانن ۽ عيسائين سان نسل پرستي تي يقين رکي ٿي ۽ ڀارت مان مسلمانن جو خاتمو چاهي ٿي. گجرات جو وڏو وزير هئڻ دوران نريندر مودي آر ايس ايس جي ماڻهن کي مسلمانن جي قتلام لاءِ موڪليو. عمران خان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ 80لک ماڻهن کي جانورن جيان واڙيو ويو آهي، اهو ناهي سوچيو ويو ته ڪشمير مان ڪرفيو هٽائڻ بعد ڇا ٿيندو، رتوڇاڻ ٿيندي، عوام رستن تي ايندو ته فوج انهن تي گوليون هلائيندي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ 11 هزار عورتن کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، اهڙي صورتحال مان جيڪڏهن مان گذرندس ته مان به هٿيار کڻي سگهان ٿو. عمران خان چيو ته دنيا ڪشمير جي حالتن بابت ڄاڻ هئڻ باوجود ڪجهه ناهي ڪيو، ڇاڪاڻ ته ڀارت هڪ ارب کان وڌيڪ جي مارڪيٽ آهي. عمران خان چيو ته عالمي برادري مداخلت نه ڪئي ته 2 ايٽمي ملڪ آمهون سامهون ٿيندا، اهڙي صورتحال ۾ گڏيل قومن تي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ ٿئي ٿي ته ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، هي گڏيل قومن جي آزمائش جو وقت آهي، ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏياريو وڃي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت کي ڪشمير مان ڪرفيو هٽائڻو پوندو، ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيڻو پوندو. قيد سمورن ڪشميرين کي آزاد ڪرڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *