ڪشمير مسئلو حل نه ٿيو ته گڏيل قومن جي ناڪامي هوندي: وزير اعظم

نيو يارڪ  (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا کي ڪشمير مسئلي تي پنهنجو وزن گڏيل قومن جي پڙ ۾ وجهڻ گهرجي، جيڪڏهن مسئلو حل نه ڪيو ويو ته گڏيل قومن جي مڪمل ناڪامي ٿيندي، ڇا والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي 9 لک فوج دهشتگردي روڪڻ لاءِ آهي، خطي ۾ جنگ لڳي ته رڳو تيل جي قيمت ۾ واڌ ئي نه پر غربت وڌي ويندي، والاريل ڪشميرجي صورتحال ۾ هي ايڪشن وٺڻ جو وقت آهي، اسان کي ڪشميرين کي پنهنجو مستقبل جي فيصلي جو اختيار ڏيڻ گهرجي، ڀارت ۾ رهندڙ ڪروڙين مسلمانن به سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، عالمي برادري کي ڪشيمر ۾ انساني حقن جي لتاڙ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڪرپشن سان ملڪي معاشي حالت تباهه ۽ رپئي جي ملهه ۾ گهٽتائي ٿي، دنيا ۾ مني لانڊرنگ روڪڻ لاءِ سخت قانوني جي ضرورت آهي،خطي ۾ امن سان دنيا جون وڏيون ڪمپنيون سرمايو لڳائڻ لاءِ تيار ٿي وينديون، افغانستان جو مسئلو حل ڪرائڻ ۾ خاص ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون، ايران جي مسئلي تي اسان ٽياڪڙي ڪري سگهون ٿا پاڪستان ۾ ڪنهن به هٿياربند تنظيم کي ڪم ڪرڻ جي اجازت نه آهي، پاڪستان جو امن افغانستان جي پرامن حالتن سان مشروط آهي، خطي جي ترقي لاءِ مڪمل امن ضروري آهي، جمعي تي ايشيا سوسائٽي جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته منهنجو ملڪ لاءِ اهو ئي ويزن آهي جيڪو پاڪستان ٺاهيندڙن جو هو، مديني جي رياست سڀ کان جديد هئي، نبي ڪريم سڀ کان پهريان فلاحي رياست جو بنياد رکيو، مديني جي رياست ۾ سمورن مذهبن جي ماڻهن کي برابر جا حق حاصل هئا، هن چيو ته غلامن سان خاندان جي ماڻهن طور ورتاءُ ڪيو ويندو هو، قانون جي بالاستي ۾ حڪمران جوابده هوندو آهي، هن چيو ته پاڪستان اسلام جي نالي تي وجود ۾ آيو، وزيراعظم چيو ته قانون جي حڪمراني مهذب ۽ غير مهذب معاشري ۾ فرق ڪري ٿي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن توهان کي واپاري خسارو آهي ته ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، اسان ايف بي آر کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ڇو ته ملڪ ۾ تمام گهٽ ماڻهو ٽيڪس ڏين ٿا، ٽيڪس نيٽ ۾ واڌ ڪرڻ وڏو چئلينج آهي، ملڪ مان غربت ختم ڪرڻ هدف آهي، وزيراعظم چيو ته ڀارت 80 لک ڪشميرين کي بند ڪري ڇڏيو آهي، 53 ڏينهن کان ڪرفيو لاڳو آهي، ڪشمير ۾ ڪرفيو ختم ٿيڻ کانپوءِ رتو ڇاڻ جو خدشو آهي، فيبروري ۾ شروع ٿيندڙ پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ آهستي آهستي وڌي وئي، هن چيو ته ڪرفيو کڄڻ کانپوءِ خراب صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، ڀارت ۾ رهندڙ ڪروڙين مسلمان سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن،وزيراعظم چيو ته آمريڪا جي دوري دوران عالمي اڳواڻن والاريل وادي جي صورتحال کان آگاهه ڪيو،عالمي برادري کي ڪشمير جي صورتحال تي وڌ ۾ وڌ ڌياڻ ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته عالمي برادري کي موسمياتي تبديلي جي چئلينج سان ڪشمير ۾ انساني المئي تي به ڌيان ڏيڻو پوندو، وزيراعظم چيو ته نائين اليون کانپوءِ پاڪستان تي دهشتگردي جي جنگ مڙهي وئي، وزيراعظم چيو ته دهشتگردي سبب پاڪستان ۾ سياحت جو شعبو سخت متاثر ٿيو، سياحت لاءِ پاڪستاني ويزا حاصل ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو هو، پاڪستان جا اتريان ۽ جابلو علائقا سونهن ۾ بي مثال آهن، سياحت جا ڪيترائي نوان هنڌ ڳولي لڌا، عمران خان چيو ته سياحت جي شعبي جي بهتري سان گڏ هڪ لک پرڏيهي سياح پاڪستان آيا، پاڪستان ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اي ويزا شروع ڪئي، پاڪستان ۾ مذهبي ماڳ موجود آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان کي علائقائي طور تي مختلف چئلينجز آهن، افغانستان جو مسئلو حل ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون، ايران جي مسئلي تي اسان ٽياڪڙي ڪري سگهون ٿا، غربت ۽ بيروزگاري خطي جي وڏن ملڪن جو اهم مسئلو آهي، وزيراعظم چيو ته مان چونڊجڻ کانپوءِ پاڙيسري ملڪ کي ڳالهين جي دعوت ڏني، ملڪ ۾ ڪنهن به هٿياربند نتظيم کي ڪم ڪرڻ جي اجازت نه آهي، ملڪ مان دهشتگردي ختم ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا، ڀارت ۾ جي بي پي جي ٻيهر چونڊجڻ تي ڳالهين جي ڪوشش ڪئي، هن چيو ته سنجينده لاڳاپا اسان جو ايجنڊا آهي، ڀارت سٺي موٽ نه ڏني، فيبروري ۾ شروع ٿيندڙ پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ آهستي آهستي وڌي وئي، هن چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪارن لاءِ ماحول سازگار بڻائي رهيا آهن، ڪشمير ۾ به حالتن کي سازگار بڻائڻ جي ضرورت آهي. عمران خان چيو ته مودي گاندي ۽ نهرو جي فلسفي جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا آهن تنهنڪري دنيا تسليم ڪري رهي آهي ته قائد اعظم جو ٻه قومي نظريو درست هو، ڇو ته ڀارت سان الهاق ڪندڙ رياستون هاڻ پڇتائي رهيون آهن، هن چيو ته ڀارت جي مذهبي جنونيت مهذب معاشرن لاءِ خطرو آهي، نائين اليون کانپوءِ مسلمان جي آزادي جي تحريڪن کي دهشتگردي جو نالو ڏنو ويو، ڪشمير ۾ 9 لک فوجي رڳو مسلمان آبادي کي دٻائڻ لاءِ موجود آهن، ڪشمير جا مسلمان ڀارتي رياستي دهشتگردي جو مقابلو ڪري رهيا آهن، هن چيو ته بدقمستي سان گڏيل قومن ثبوتن جي باوجود ڪشمير تي هاڪاري ڪردار ادا ناهي ڪيو، ڪشمير جي مستقبل جو فيصلو اتان جي عوام کي ڪرڻو آهي، هن چيو ته اسان کي ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل جي فيصلي جو اختيار ڏيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته 80 جي ڏهاڪي ۾ برطانيا ۾ مجاهدن لاءِ فنڊ گڏ ڪيا ويندا هئا، آمريڪا ۽ اولهه ملڪن مجاهدن کي سپورٽ ڪيو، هن چيو ته افغانستان مان روس جي وڃڻ کانپوءِ ساڳيا مجاهد دهشتگرد بڻجي ويا، افغانستان ۾ طالبان کي جهاد لاءِ آمريڪا تيار ڪيو، طالبان روس جي خلاف وڙهن ته جهاد ۽ آمريڪا جي خلاف وڙهن ته دهشتگردي، هن چيو ته چين هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي ۽ چين پاڪستان جي خودمختياري ۾ ڪنهن قسم جي مداخلت نٿو ڪري، هن چيو ته قائد اعظم عظيم شخص هو ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، جڏهن ته پيشور سياستدانن جو ڪو به نظريو ناهي هوندو ان ڪري اهي هر ڳالهه تي سوديبازي ڪري وٺندا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *