سڃاڻپ ڪارڊ وارو شرط 60 ڏينهن لاءِ معطل، حڪومت ۽ واپارين ۾ ڳالهيون ڪامياب، هڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ اعلان ڪيو ته هڙتال ڪندڙ واپارين سان ڳالهين کان پوءِ معاهدو طئي ٿي ويو آهي. اسلام آباد ۾ واپاري برادري ۽ وفاقي بورڊ آف روينيو جي چيئرمين شبر زيدي ۽ جهانگير ترين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي واپاري ۽ وفاقي بورڊ آف روينيو جي وچ ۾ طئي ٿيل 11 نقطن واري معاهدي بابت ٻڌايو. واپارين ۽ ايف بي آر جي وچ ۾ معاهدو: 1- 10 ڪروڙ تائين جي ٽرن اوور واري واپاري کان 1.5 سيڪڙو ٽرن اوور ٽيڪس جي بدران 0.5 سيڪڙو ٽرن اوور ٽيڪس ورتو ويندو. 2- 10 ڪروڙ تئاين جي ٽرن اوور وارو واپاري وڌ هولڊنگ ايجنٽ نه بڻجندو. 3- سيلز ٽيڪس ۾ رجسٽريشن جي لاءِ سالياني بجلي جي بل جي حد 6 لک رپين کان وڌائي 12 لک رپيا ڪري ڇڏي آهي. 4-گهٽ منافعو رکندڙ  سيڪٽرن جي ٽرن اوور ٽيڪس جي مقرري نئين سر  ڪئي ويندي جيڪا واپارين جي  ڪميٽي جي ڳالهيون ڪندي. 5- جيولرز ايسوسيئيشڻ سان گڏجي جيولرز جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو. 6- آڙتي تي لائسنس جي تجديد فيس تي لاڳو وڌ هولڊنگ ٽيڪس جو نئين سر جائزو ورتو ويندو. 7- واپارين جي مسئلن جي فوري حل لاءِ ايف بي آر اسلام آباد ۾ خاص ڊيسڪ قائم ٿيندو جنهن ۾ 21/20 گريڊ جا آفيسر مقرر هوندا ۽ ماهوار بنياد تي واپارين جي نمائندن سان ملاقاتون ٿينديون. 8-نون واپارين جون ڪميٽيون نئين رجسٽريشن جي سلسلي ۾ ڀرپور سهڪار  ڪنديون. 9- هڪ هزار مربع فٽ جو ڪو به دڪان سيلز ٽيڪس ۾ رجسٽريشن کان آجو هوندو ۽ ان جو فيصلو واپارين جي ڪميٽي سان ڳالهين سان ٿيندو. 10-هول سيل ۽ ريٽيلرز ٻنهي جو واپار ڪندڙن جي سيلز ٽيڪس ۾ رجسٽريشن جو فيصلو واپارين جي  ڪميٽي جي ڳالهين سان ٿيندو. 11- سڃاڻپ ڪارڊ جي شرط تي وڪري ۽ خريداري تي تاديبي ڪارروائي 31 جنوري 2020ع تائين رد ڪئي وئي آهي. ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جو چوڻ هو ته گڏيل ڳالهين سان ٿيل فيصلي جو معيشت تي اثر پوندو. سندس چوڻ هو ته حڪومت چاهي ٿي ته پاڪستان ۾ جيڪي ماڻهو صاحب حيثيت آهن اُهي ٽيڪس ادا ڪن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جو عوام اسان جي هر پاليسي جو محور آهي ۽ اسان جا سمورا مقصد ان وقت ئي پورا ٿي سگهن ٿا جڏهن اسان جي معيشت بهتر ٿيندي ۽ معاهدي ۾ قومي مقصدن تي ڪو سمجهوتو نه ٿيو پر واپاري برادري جي لاءِ آسانيون پيدا ڪيون ويون آهن. ان موقعي ايف بي آر چيئرين شبر زيدي هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته سڃاڻپ ڪارڊ جو قانون هاڻ به برقرار آهي ۽ اڃان رڳو ايتري ڳالهه ٿي آهي ته 31 جنوري تائين ڪا به تاديبي ڪارروائي نه ٿيندي. انجمن تاجران برادري جي چيئرمين خواجا محمد شفيق جو چوڻ هو ته  واپاري برادري گذريل ڪيترن ئي مهينن کان هيجان جي صورتحال ۾ مبتلا هئي پر سٺي ماحول ۽ سٺي هوا ۾ اسان معاملن کي طئي ٿا ڪيون. ان کان اڳ ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ واپارين سان ٿيل ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو هو ته واپارين سان ڳالهين وارو عمل سٺي انداز ۾ جاري آهي جنهن کي اڄ مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي ڌرين جي خواهش آهي ته واپاري به خوش ٿين ۽ حڪومت جو جيڪو مقصد آهي ته معاشي بندوبست جا فائدا عوام تائين پهچن اُهي به پورا ٿي ويندا. ناڻِي واري صلاحڪار اميد ظاهر ڪئي ته واپارين سان جاري ڳالهيون اڄ سٺي اندز ۾ مڪمل ٿيون. ڳالهه ٻولهه دوران عالمي بينڪ جي سربراهه جي پاڪستان جي دوري بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ ناڻي واري صلاحڪار جو چوڻ هو ته اسان جي ڪوشش آهي ته عالمي بينڪ ۽ پاڪستان ۾ سهڪار کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي ۽ عالمي بينڪ جو صدر پاڪستان ۾ ڪيل معاشي  سڌارن کي ساراهي ٿو. ان کان اڳ سماجي رابطن واري ويب سائيت ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي عبدالحفيظ شيخ جو چوڻ هو ته جولاءِ  ۽ آگسٽ 2019ع جي سيلز ٽيڪس ريفنڊ جي ٻڌڻي هيٺ ڪيسن کي اُڪلائڻ جي لاءِ ٽيڪسٽائل برآمد ڪندڙن کي اي آر ايس جي ذريعي ڪليمز فائل ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. ٽوئيٽر تي جاري پيغام ۾ هن وڌيڪ چيو ته ٽيڪسٽائل برآمد ڪندڙن کي اي آر ايس جي ذريعي ڪليم فائل ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.  سندس چوڻ هو ته فارم ايچ جو جائزو وٺڻ ۽ ان جي متبادل نظام کي ٻن هفتن ۾ حتمي شڪل ڏني ويندي.هن چيو ته ڪليمز جي ضمن ۾ 2 ارب رپين جي ماليت جي ريفنڊ پيمنٽ آرڊرز کي فوري طور تي اُڪلايو ويندو. اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ٽن ڏينهن جي ملڪگير هڙتال کانپوءِ حڪومت واپارين جا مطالبا مڃي ورتا. ايف بي آر ۽ واپارين وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ هڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. آل پاڪستان انجمن تاجران جي صدر اجمل بلوچ موجب سيلز ٽئڪس لاڳو ڪرڻ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ واري شرط جي معاملي تي حڪومت ۽ واپارين وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون. جنهن تحت خريداري ۽ وڪري لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ جي شرط تي ڪارروائي 31 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. اجمل بلوچ جو چوڻ آهي ته ايف بي آر سان ڳالهين دوران واپارين جا مطالبا مڃيا ويا ۽ معاهدو طئه ٿي ويو آهي. هاڻي 10 ڪروڙ تائين ٽرن اوور وارو واپاري ڏيڍ سيڪڙو بدران ڏهائي 5 سيڪڙو ٽرن اوور ٽئڪس ادا ڪندو، جڏهن ته 10 ڪروڙ رُپين تائين ٽرن اوور وارو واپاري (ٽريڊر) ود هولڊنگ ايجنٽ نه ٿيندو. ال پاڪستان انجمن تاجران جي صدر جو چوڻ آهي ته حڪومت سان طئه ٿيل ڳالهين موجب سيلز ٽئڪس ۾ رجسٽريشن لاءِ ساليانو بجلي جي بل جي حد 6 لک مان وڌائي 12 لک رُپيا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گهٽ نفعو ڪمائيندڙ شعبن جي ٽرن اوور ٽيڪس جي حوالي سان واپارين جي ڪميٽي سان مشاورت کانپوءِ نئين سر جائزو ورتو ويندو. ريجنل ۽ مرڪزي سطح جي واپارين تي ٻڌل ڪميٽيز جوڙيون وينديون، جيڪي ايف بي آر سان گڏجي واپارين جا مسئلا حل ڪنديون. اُن کانسواءِ جيولرز ائسوسيئيشن سان گڏجي سونارن جا مسئلا به ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. واپارين جا مسئلا فوري طور حل ڪرڻ لاءِ ايف بي آر اسلام آباد ۾ خصوصي ڊيسڪ قائم ڪئي ويندي، جتي مقرر گريڊ هڪ جو آفيسر ماهوار واپارين جي نمائندن سان گڏجاڻيون ڪندو. واپارين جي هڪ ٻئي ڌڙي جي اڳواڻ ڪاشف چوڌي به ايف بي آر ذريعي حڪومت سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنهن وڌيڪ چيو ته نئين رجسٽريشن ۽ ٽيڪس ريٽرن وارو فارم اردو ۾ مهيا ڪيو ويندو. واضح رهي ته وفاقي سرڪار جي ٽئڪس پاليسي خلاف واپارين طرفان اڄ ٽئين ڏينهن به ملڪ گير هڙتال ڪئي وئي، جنهن تحت سنڌ سوڌو سموري ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاروبار بند رکيو ويو.   ان کان اڳ آل پاڪستان انجمن تاجران ۽ مرڪزي تنظيم تاجران پاڪستان جي هڙتال جي ڪال تي وفاقي راڄڌاني اسلام آباد سميت ڪراچي، لاهور، ڪوئيٽا، پشاور ۽ ملڪ يج ٻين حصن ۾ واپاري تنظِمن حمايت ڪندي ٻئي ڏينهن به واپار بند رکيو. واپارين اِهو مطالبو به ڪيو هو ته حڪومت واڌو ٽيڪس سان گڏوگڏ 50 هزار رپين جي ڏي وٺ تي سڃاڻپ ڪارڊ جي شرط ختم ڪري. وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ٻئي ڏينهن به شٽرڊائون  هڙتال ڪئي وئي، جتي واپارين پنهنجا دڪان بند ڪري  حڪومت جي پاليسين جي خلاف احتجاج ڪيو. شٽرڊائون هڙتال ٻئي ڏينهن ۾ داخل ٿيندي ئي واپارين مطالبا منظورنه ٿيڻ جي صورت ۾ هڙتال جو وقت وڌائڻ جو اِشارو به ڏنو هو. ٻئي پاسي پنجاب صوبي جي راڄڌاني لاهور سميت ٻين شهرن  راولپنڊي، ملتان، فيصل آباد، سيالڪوٽ ۽ واپارين ٻئين ڏينهن به شٽرڊائون هڙتال ڪئي. صوبائي راڄڌاني لاهور ۾ ٻئي ڏينهن به واپاري برادري سراپا احتجاج رهي ۽ هال روڊ، مال روڊ، نيلا گنبد، ڌرم پوره، گلبرگ ۽ حفيظ سينٽر سميت شهر جون سموريون وڏيون ۽ اهم مارڪيٽون بند رهيون.  ان کان سواءِ شهر ۾ ڪجهه مارڪيٽن ۾ اڄ جزوي هڙتال به رهي جڏهن ته شٽر ڊائون هڙتال جي ڪري روزاني اجرت تي ڪم ڪندڙ مزدورن ڪاپاري ڌڪ رسيو. هوڏانهن ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ۽ واپاري حب ڪراچي سميت سڄي سنڌ صوبي جي مختلف ضلعن ۾ احتجاج جي ٻئي ڏينهن ڪٿي جزوي ته ڪٿي مڪمل هڙتال رهي. ڪراچي ۾ اڄ به ايم اي جناح روڊ ۽ ڀرپاسي ۾ موجود مختلف واپاري مرڪز جوڙيا بازار ، بولٽن مارڪيٽ، تبت سينٽر،  صدر اليڪٽرانڪس ۽ موبائيل مارڪيٽس ۾ به مڪمل هڙتال ڪئي وئي. ان کان سواءِ انجمن تاجران جي ڪال تي بلوچستان صوبي جي راڄڌاني ڪوئيٽا سميت سمورن وڏن ضلعن ۾ ٻئي ڏينهن به مڪمل شٽرڊائون هڙتال ڪئي وئي. حڪومت جي معاشي پاليسين جي خلاف ٻئي ڏينهن به پشاور ۾ واپاري برادري جي احتجاج جي ڪري شٽر ڊائون هڙتال جاري آهي. پشاور سميت صوبي جي ٻين ضلعن ۾ به شٽر ڊائون هڙتال ڪئي وئي ۽ صوبي جي سمورا وڏا واپاري مرڪز بند آهن ۽ واپارين يادگار چوڪ تي احتجاجي ڪيمپ لڳائي. ملڪ جي چئني صوبن جي ابتڙ گلگت بلتستان ۾ هڙتال جي اعلان جي باوجود ڪجهه دڪان،  مارڪيٽون ۽ واپاري مرڪز کليل رهيا. پر گلگت شهر ۾ ڪجهه دڪان بند رهيا شهر ۾ صبح 10 وڳي تائين اڪثر دڪان ۽ مارڪيٽون بند رهڻ کان پوءِ مصروف واپاري سينٽر ٻيهر کوليا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *